نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيوسعيدآباد ۾ سوئي گيس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ بحران خلاف سياسي سماجي تنظيمن طرفان 10ڏينھن به بک ھڙتالي ڪيمپ جاري رھي،  ايس يو پي، پ پ شھيد ڀٽو، مرڪزي مسلم ليگ، پ پ اڳواڻن سھيل قريشي، سليم حاجاڻو، گل شير ڪاڪا، سليم ھنڱورو، قمرالدين بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي م سوئي گيس نيوسعيداباد آفيس اڳيان ڪيمپ تي سماجي تنظيمن جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن شريڪ ٿي سوئي گيس انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سوئي گيس زون ھالا ۽ سب زون نيوسعيداباد جا ذميوار ملي ڀڳت ڪري نيوسعيدآباد جي حصي جا وال بند ڪري اھا گيس ٻين علائقن ۾ وڪرو ڪري رھيا آھن ھنن چيو ته سوئي گيس جي ھٿراڌو لوڊشيڊنگ جي خاتمي تائين اسانجو احتجاج جاري رھندو اسان ھن احتجاج جو دائرو وڌائيندي مطالبن جي مڃتا لاء قومي شاھراھ بلاڪ ڪنداسين انجي جيڪا ب ذميواري ھوندي سوئي گيس انتظاميا تي ھوندي