نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيوسعيدآباد ويجھو باگو جمالي ڀرسان راضي شاھه موري وٽ بدامني تي ضابطو نه آيو ، فجر مھل نامعلوم ھٿياربندن مھراڻ ھاءِ وي تي رڪاوٽون رکي ايندڙ ويندڙ گاڏين کان ڦرلٽ ڪئي. ان دوران حيدرآباد کان پنجاب فروٽ کڻي ويندڙ ٽرڪ ڊرائيور بچڻ جي ڪوشش ڪندي ٽرڪ ڀڄائي ته اها ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ گاڏي جو ڊرائيور سلطان محمود ۽ ان جو پٽ زخمي ٿي پيا. زخمي ڊرائيور ۽ ان جي پٽ سخت احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ھن جاءِ تي ڦرون روز جو معمول آھن. ڦورن اسان کان روڪ رقم موبائيلن ڦر ڪيون آھن. اسان وٽ ماني کائڻ جا پئسا به ناھن اسان جو لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي، پر پوليس اڃان تائين ناھي پھتي علائقي واسين جو چوڻ آھي ته پوليس چونڪي تي گذريل ٻن مھينن کان پوليس اھلڪار نظر نٿا اچن ۽ پوليس چونڪي بکر جمالي جي پوليس موبائل به خراب آھي، جنھن ڪري ھر روز ڦر جون وارداتون ٿين ٿيون روز ٿيندڙ ڦرن جي وارداتن سبب علائقي ۾ خوف و ھراس ڦھليل آھي.