نيوسعيدآباد(ن پ ا ) نيو سعيد آباد ۾ گذريل رات ڦر دوران مزاحمت تي گوليون ھنڻي قتل ڪيل جان محمد ڪيريو جي وارثن قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٽول پلازا نيوسعيدآباد وٽ ٽائرن کي باهيون ڏيئي فوتي جو لاش رکي قومي شاھراھ ٻنھي پاسن کان بند ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ ٻنھي پاسن کان سوين مسافر توڙي مال بردار گاڏيون بيھي ويون، جنھن ڪري مسافر توڙي ڊرائيور سخت پريشاني جو شڪار ٿيا بعد ۾ ڊي ايس پي نيوسعيدآباد منظور لکي ۽ ايس ايڇ او ڪرم علي عمراڻي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري قاتلن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي، جنھن بعد مظاھرين قومي شاھراھ کي کولي ڇڏيو .