نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيو سعيد آباد ۾ چوري جي الزام هيٺ علي ٻانھون ماڇي تي تشدد واري واقعي جو جرڳو ڪري جوابدارن تي 10 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. ان ڏس ۾ ڳوٺ شهمير راھو ۾ رئيس نظير راھو جي سرپئنچي ۾ ٿيو جرڳي ۾ اٺن ڄڻن کي ڏوھي قرار ڏيندي مٿن ڏھ لک روپيا ڏنڊ رکيو ويو. ٻنھي ڌرين فيصلو قبول ڪندي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويون 11 ڏينھن اڳ مبينا چور باءِ پاس تي توفيق ملڪ جي فرجن جي دڪان مان ڪمپريسر چوري ڪري رھيو ھو ته دڪاندارن سندس وڊيو رڪارڊ ڪري کيس پڪڙي ورتو ۽ پھرين وڻ سان ٻڌي بدترين تشدد ڪيو بعد ۾ ڀرسان گھر اندر وٺي ٻيھر سخت تشدد جو نشانو بڻائي پوليس حوالي ڪيو ھو. وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ۽ سولنگي برادري جي احتجاج بعد نيو سعيدآباد ٿاڻي تي مبينا چور علي ٻانھون جي مامي علي گوھر پٽ گل محمد ماڇي جي فرياد تي اٺن ڄڻن توفيق ملڪ اويس سمون ياسين بھادر ڪوري اڪبر رند ۽ ٽي نامعلومن تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، جنھن مان ھڪ علي اڪبر رند کي پوليس گرفتار ڪيو ھو باقي جوابدارن ضمانت ڪرائي ورتي ھئي.