نيو سعيدآباد(ن پ ا) نيوسعيدآباد ۾ منشيات ڪيس جي جوابدار کي بچائي نالي ڀائي کي ڦاسائيندڙ اهلڪارن کي سزا ڏني وئي آهي. ان ڏس ۾ نيو سعيد آباد ويجھو ڳوٺ بکرجمالي واسي نجم الدين جمالي جي شڪايت تي ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ ڪراچي انڪوائري ڪرائڻ بعد سي آءِ اي مٽياري جي اڳوڻي اهلڪارن پوليس ڪانسٽيبل عبدالستار جمالي کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو، جڏهن ته سب انسپيڪٽر سائينداد راهو جي هڪ سال جي سروس ختم ڪري کيس ميرپور خاص ڊويزن موڪليو ويو، جڏھن ته ٽن پوليس اھلڪارن امجد . شھزاد ۽ عمر ماڇي جي ٻن سالن جي سروس ختم ڪندي کين ضلعي بدر ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو ان کان اڳ مذڪورا سمورن اھلڪارن کي مٽياري مان شوڪاز نوٽيس ڏيئي پوليس هيڊڪواٽر ڪراچي بي ڪمپني موڪليو ويو ھو ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ت گذريل سال 16 آڪٽوبر 2024ع تي سي اي آءِ اهلڪارن سب انسپيڪٽر سائينداد راھو ۽ پوليس اھلڪارن عبدالستار جمالي، شھزاد ، امجد ۽ عُمر ماڇي کڏھر ٿاڻي جي حد جو اصل جوابدار نجم الدين ولد ڪريم بخش کي بچائي ان جي بدران نجم جمالي ولد گُل شير جمالي کي گرفتار ڪري مٿس منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو هو. سي آءِ اي اهلڪارن غريب شھري کي گرفتار ڪري سندس تذليل ڪئي ۽ قانون جو غلط استعمال ڪري پوليس جي ساک کي متاثر ڪيو جنهن بعد عدالت سڳوري پڻ کيس باعزت بري ڪيو. انڪوائري آفيسر ڄاڻايو ته نجم الدين جمالي کي اسد پيٽرول تان خالي ھٿين گرفتار ڪيو ويو، جنهن جا سي سي ٽي وي فوٽيج مليا آھن جنھن بعد مٿس منشيات برآمد ڄاڻائي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو.