نيو سعيد آباد ۾ قتل ليڪچرار جي مڙس پاران قتل جو اعتراف، والدين دبئي مان پهچي ويا

0
18
نيو سعيد آباد ۾ قتل ليڪچرار جي مڙس پاران قتل جو اعتراف، والدين دبئي مان پهچي ويا
نيو سعيد آباد ۾ قتل ليڪچرار جي مڙس پاران قتل جو اعتراف، والدين دبئي مان پهچي ويا

نيوسعيدآباد (رپورٽ: محمد دين بلوچ)  بکر جمالي ۾ مڙس ھٿان ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل ليڪچرار افشان جمالي جي جوابدار مڙس امداد جمالي قتل جو اعتراف ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ سندس  وڊيو بيان سامھون اچي ويو آهي. پنھنجي بيان ۾ ھن جو چوڻ ھو ته منھنجي ڪجھه سال پھريان افشان جمالي سان شادي ٿي ھئي جنھن بعد ھن عمران جمالي سان لاڳاپا رکيا ۽ مختلف جاين تي ساڻس ملندي ھئي. مون سندس مائٽن پاڙي جي چڱن مڙسن کي دانھون ڏنيون ته کيس سمجھايو پر ھوءَ نه مڙي جنھن بعد غيرت ۾ اچي کيس گوليون ھڻي قتل ڪيم. هوڏانهن مقتولا ليڪچرار افشان رابعه جمالي جو پيءُ محمد خان جمالي، ڀاءُ شھزاد جمالي ماءُ دبئي کان پنھنجي ڳوٺ جمالي پھچي ويا، جتي لڙڪ لاڙيندي ھنن مقتولا جي مڙس امداد جمالي ان جي پيءُ وزير جمالي ۽ سندس ڀاءُ درياءِ خان کي سندس قتل جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته انھن جا ئي نالا ايف آءِ آر ۾ ڏينداسين. انھن تي اڳ ئي قتل جا ڪيترائي ڪيس داخل آھن. ظالمن منھنجي نياڻي کي پئسي جي ڪري ماري ڇڏيو آھي ھنن چيو ته جوابدار امداد جمالي منھنجي ڌيءُ کي پئسن لاءِ بليڪ ميل ڪندو رھندو ھو قتل مھل منھنجي طرفان موڪليل اڍائي لک رپيا گھريا جنھن تي مقتولا چيو ته پئسا بينڪ ۾ پيل آھن صبح جو وٺجان جنھن تان مڇرجي کيس قتل ڪري ڇڏيو ۽ ھاڻي ڪوڙا ڪارنھن جا الزام ھنڻي رھيو آھي ھنن جو چوڻ ھو ته اسان پنھنجي نياڻي جي ڪري کيس پنجاھ لک جو گھر پنجيتاليھ لک جي گاڏي عمرا ڪرايا ۽ باربار پئسا ڏيندا ھئا سين اسان جي نياڻي 17 گريڊ جي ڪميشن آفيسر ھئي ۽ سڄي تعليم دبئي ۾ حاصل ڪئي ۽ تمام نيڪ سيرت ھئي.

جوابدار جاچ ۾ به اعتراف ڪيو آهي، جلد ڪيس داخل ڪنداسين: پوليس

نيو سعيد آباد: مڙس هٿان قتل ٿيل افشان جمالي کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو . سندس جنازي نماز ۾ علائقي جي ماڻھن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو. هوڏانهن واقعي جو ڪيس اڃان تائين داخل نه ٿيو آھي ايس ايچ او نيوسعيدآباد ڪرم علي عمراڻي جو چوڻ آھي ته سندس گرفتار مڙس قتل جو اعتراف ڪندي مٿس الزام ھنيو آھي ته سندس غير مرد سان لاڳاپا ھئا. بار بار منع ڪرڻ جي باوجود نه مڙڻ تي گھر وارا شادي جي تقريب ۾ ويل ھئا ته موقعو ڏسي کيس گوليون ھڻي قتل ڪيو. ھن چيو ته سندس وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪنداسين. مقتول افشان جمالي ليڪچرار طور بکر جمالي ھائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ليڪچرار ھئي ھن 6 مھينا اڳ ڪميشن پاس ڪري سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور نوڪري حاصل ڪئي. سندس پوري فيملي دبئي جي رھائشي آھي جتي سندس پيءُ محمد خان ائير ڪمپني ۾ انجنيئر  سندس ڀاءُ پائيلٽ آھي چيو وڃي پيو ته مقتول افشان جمالي به دبئي ۾ رھندڙ ھئي جتان اچي ھن جوابدار امداد جمالي سان پسند جي شادي ڪئي ھئي، جنھن مان کيس 3 ٻار به ھئا.

صوبائي وزير شاهينا شير علي نوٽيس ورتو، ڊسٽرڪٽ آفيسر ثمينا عباسي تڏي تي پهتي

نيو سعيد آباد: سنڌ جي عورتن جي ترقي واري کاتي جي صوبائي وزير شاھينا شير علي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي عورتن جي ترقي واري ڊسٽرڪٽ آفيسر ثمينا عباسي کي مقتول افشان جمالي جي وارثن ڏي موڪليو جنھن بکر جمالي پھچي سندس پيءُ ۽ ڀاءُ سان فاتح ڪئي ۽ کيس ھر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو ۽ ڊي ايس پي نيو سعيدآباد سان ملي کيس واقعي بابت ھدايتون جاري ڪيون.