نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيو سعيد آباد ۾ موٽرسائيڪلن تي سوار نقاب پوش ھٿياربندن وچ شھر ۾ جامع مسجد وٽ علائقي جي مشھور زميندار دلدار ابڙيجي کي گوليون ھڻي ٿڏي تي ماري ڇڏيو. سندس لاش تعلقا اسپتال آندو ويو، جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. سندس لاش اباڻي ڳوٺ الياس ابڙيجا آندو ويو ته ڪھرام مچي ويو سندس وارث اڀ ڏاريندڙ دانھون ڪري روئندا رھيا، سندس جنازي نماز ۾ علائقي جي سوين معززين شرڪت ڪئي کيس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو.  واقعي سبب شھر ۾ خوف وھراس ڇائنجي ويو. ٻئي طرف ڊي ايس پي نيوسعيدآباد عطا محمد ڏاھري ۽ ايس ايڇ او نيوسعيدآباد امام الدين ڏاھاڻي پوليس سان ڪارروائي ڪندي ڳوٺ خدابخش دل ديھ چٽوڙي ۾ جمالي برادري جي گھرن تي ڇاپو ھنڻي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري واردات ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل ھٿ ڪري ورتي. ميڊيا سان ڳالھائيندي ايس ايس پي مٽياري ملڪ محمد ڪليم جوابدارن مان ھڪ جوابدار جي گرفتاري جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ان جوابدار ساٿي جوابدارن سان گڏ دلدار ابڙيجو کي قتل ڪيو آھي، جمالي برادري ۽ ابڙيجو برادري وچ ۾ قتل جي واردات بابت شڪ ۽ شھبن تي تڪرار ھلندڙ آھي ان معاملي تان دلدار ابڙيجو کي قتل ڪيو ويو، ھن ٻڌايو ته قتل جي واردات ۾ ڪيترو به اثر رسوخ وارا ماڻھون ھوندا کين گرفتار ڪري قانون جي بالادستي ڪئي ويندي.  واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي پئي وڃي.