نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيو سعيدآباد ويجھو ڳوٺ زير پير موري وٽ  روھڙي ڪينال ۾ 9 سالا ببلو پٽ ڪرشن باگڙي وھنجندي ٻڏي ويو، 6 ڪلاڪن جي ڳولا باوجود سندس لاش ھٿ نه آيو، اطلاع باوجود انتظاميا نه پھتي ۽ نه ئي سرڪاري ٽوٻا آيا سندس وارث سخت پريشان ۽ صدمي سبب بيحال آھن ۽ دانھون ڪري روئي رھيا آھن معلوم ٿيو آھي ته فوتي نينگر جو تعلق پورھيت خاندان سان آھي جيڪي ڀرسان زرعي زمين تي ڦٽيون چونڊڻ لاءِ آيل ھئا