نيوسعيدآباد(ن پ ا) نوجوان کي آزاد ڪريو نيوسعيدآباد ويجھو ھالابرانچ وٽ حاجاڻا برادري جي عورتن ٻارڙن ۽ مردن احتجاجن قومي شاهراھه بند ڪري ڇڏي، جنھن ڪري ٻنھي پاسن کان ايندڙ ويندڙ مسافر توڙي مال بردار گاڏيون بيھي ويون ۽ مسافر سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا، احتجاج ڪرڻ وارن جو چوڻ ھو ته اسان جي نوجوان پٺاڻ حاجاڻو کي پوليس بي گناھه گرفتار ڪيو آھي، کيس فوري آزاد ڪيو وڃي، رابطي تي ايس ايچ او بٺو فاريسٽ حبيب الله سوھو جو چوڻ ھو ته منشيات وڪرو ڪرڻ وارن جي لسٽ ۾ سندس نالو ھو جنھن ڪري کيس گرفتار ڪيو آھي، بعد ۾ ڊي ايس پي نيوسعيدآباد ساڻن ڳالھيون ڪري نوجوان کي آزاد ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو جنھن بعد ٽريفڪ بحال ٿي ويئي.