نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيوسعيدآباد ويجھو ڳوٺ محمد خان ماڇي  جي 12 سالا گونگي ذھني معذور نينگري نجما ماڇي کي مبينا طور ڪچو شراب پياري ٻن جوابدارن پاران اجتماعي  لڄالٽ واري واقعي کي پنج ڏينھن گذرڻ باوجود گرفتار جوابدار نه ٿيا آهن، وارثن ڀاءُ علي ڏنو ماڇي ۽ ڀاڄائي صاحب خاتون ماڇي نينگري سان گڏ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته معصوم گونگي نينگري ٽن ڏينھن بعد ھوش ۾ اچڻ بعد اشارن سان اسان آڏو حقيقت بيان ڪئي، اسان نورڪيٽي ٿاڻي تي پھچي اطلاع ڏنو پر  پوليس فقط رپورٽ داخل ڪئي پر متاثر ناري کي ميڊيڪل لاءِ ليٽر جاري نه ڪيو نه ئي ڪنھن جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي،  هنن چيو ته معصوم گونگي نينگري گھر ڀرسان ٻڪريون چاري رھي ھئي  ته ٻن جوابدارن نورو پٽ پھلوان ماڇي ۽ سڀاڳو پٽ ڪشميرو ماڇي کيس ڀرسان وڻن ھيٺيان وٺي ڪچو  شراب پياري لڄالٽ ڪئي، اسان سندس علاج به ڪرايو آھي پر پنج ڏينھن گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري، ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي، رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او نور ڪيٽي شمش الدين ڪيريو جو چوڻ ھو ته نينگري ذھني معذور آھي اھي پھرئين ڏينھن اسان وٽ آيا ته ھن کي الائي ڪنھن ڪجهه پياريو آھي ھنن زيادتي جي ڳالهه نه ڪئي وري اسان وٽ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ نه آيا آھن، جيڪڏهن ايندا ته وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.