نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيوسعيدآباد وٽ قومي شاهراه تي لاھور کان ڪراچي ويندڙ فيصل مووز ڪوچ کي غلط سائيڊ کان اچڻ تي ڪرولا ڪار ۾ سوار نامعلوم پنجن ڄڻن روڪي شيشا ڀڃي ڊرائيور افضل کي مارڪٽ ڪري کيس ۽ ڪوچ جي چاٻي سميت مبينا اغوا ڪري ڪوچ ۾ سوار ٿي اڻڄاتل هنڌ کڻي ويا،ان موقعي تي مسافرن جو چوڻ ھو ته قومي شاهراه ٽريفڪ سبب جام ھئڻ ڪري اسان يوٽرن ڏئي بائي پاس تي چڙھياسين ته ڪار سوارن ڪوچ جي اڳيان گاڏي روڪي ڊرائيور کي اھو چيو ته غلط سائيڊ کان ڇو ٿا اچو ڪوچ جا شيشا ڀڃي ۽ مارڪٽ ڪري ڪوچ جي چاٻي سميت ڪار ۾ ويھاري کڻي ويا،ڪوچ ۾ سوار عورتون، معصوم ٻارڙا ۽ ٻيا مسافر سخت پريشاني جو شڪار ٿي روڊ تي بي يارو مددگار بيٺل ھئا ڪوچ انتظاميا ٻي ڪوچ گھرائي کين روانو ڪيو، اطلاع تي نيوسعيدآباد ۽ موٽر وي پوليس پھچي واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا، معلوم ٿيو آھي ته نامعلوم جوابدارن ڊرائيور کي نوابشاھ کڻي مارڪٽ ۽ حراسان ڪرڻ بعد کيس ڇڏي ويا، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او شاھ جو چوڻ ھو ته اسان وٽ اھڙي واقعي جي رپورٽ داخل نه ڪرائي وئي آھي.