نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيوسعيدآباد ويجھو ڳوٺ ھوت سيال جو رھواسي 40 سالا صوف پٽ عمر سيال ڇتي ڪُتي جي چڪ پائڻ سبب فوت ٿي ويو، چيو پيو وڃي ته فوتي کي ڪجهه ڏينھن پھرئين ڳوٺ ڀرسان مرغي فارم وٽ ڇتن ڪتن چڪ ھنڻي زخمي ڪري ڇڏيو پر ويڪسين نه ڪرائڻ سبب کيس ڪتي جو اثر ٿي ويو ء ھو ڪتن وانگر آواز ڪڍڻ لڳو کيس پنجمورو اسپتال آندو ويو پر فوت ٿي ويوکيس اباڻي قبرستان ھوت سيال ۾ دفنايو ويو سندس وارث صدمي سبب اڀ ڏاريندڙ دانھون ڪري روئندا رھياسندس وارثن جو چوڻ آھي ته ڳوٺ ڀرسان مرغي فارم آھي جتي مئل ڪڪڙ اڇلايا وڃن ٿا، جنھن ڪري اتي سوين ڪتا ھر وقت موجود ھجن ٿا ۽ ايندڙ ويندڙ ڳوٺاڻن کي ڏاڙھن ٿا.