نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيوسعيدآباد جو نوجوان پندرهن ڏينهن کان پر اسرار نموني گم آهي. ان ڏس ۾ نيو سعيد آباد ويجھو ڳوٺ اوبر سومرو واسي پورھيت 18 سالا گلزار پٽ سليمان سومرو 15 ڏينھن  کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آھي  سندن وارثن پاران سخت ڳولا باوجود وارثن کي ھٿ ن اچي سگھيو آھي سندس وارث سخت پريشان آھن سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي رھيا آھن سندس گمشدگي جي رپورٽ نيوسعيدآباد ٿاڻي تي داخل ڪرائي ويئي آھي.