نيوڇور (ن پ ا) عمرڪوٽ ڀرسان ڏيول ديوي جي آستان تي دسھڙي جي حوالي سان خاص تقريب منقعد ڪئي وئي جنھن ۾  ايم پي اي راڻا ھمير سنگھه، راجوير سنگھه سوڍي ٺاڪر، وڪرم سنگھه سوڍا ۽ ڪئلاش ڏان سميت ھندو ڌرم جي عقيدت مندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڏيول جي آستان تي پوڄا پاٽ ڪري ملڪي سلامتي ۽ خوشحالي  جي لاءِ خصوصي دعا گھري، ڏيول ديوي جي عقيدت مندن پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته ڏيول ديوي جو آستان ھنگلاج جي آستان وانگر انتھائي اھم آھي، ڏيول ماتا ھنگلاج ماتا جو اوتار آهي، ڏيول ماتا شيوا منڊلي کاروڙو پاران پورو ڏينھن لنگر ھلايو ويو ۽ رات جو ستسنگ جي محفل منقعد ڪئي وئي، ڀڳتي ڳائڪي جي ڳائڪن ڀڄن واڻيون ۽ صوفياڻا ڪلام ٻڌايا.