نيوڇور(ن پ ا) نيوڇور شھر جي مختلف پاڙن ۾ واٽر سپلائي جي فراھمي ٻن مھينن کان بند، شھري پئيڻ جي پاڻي خاطر ڦڙي ڦڙي لاءِ سخت پريشان عورتن جو اجتجاجي مظاھرو، ڌرڻو، خبر موجب نيوڇور شھرن جي 15 کان مٿي مختلف پاڙن ڪنڀار پاڙو، ڀيا محلا، ٺڪر پاڙو، سومرا ڪالوني، سوٽھڙ پاڙو، بجيرمحلا، چارڻ پاڙو، سونارو پاڙو، کتري محلا، مھيشوري پاڙو، شھميرجي ڍاڻي،ڪولھي ڌڙو، راھمان ڪالوني، عمراڻي پاڙو ۽ ٻين ڪيترين ئي پاڙن ۾ گذريل ٻن مھينن کان مٿي عرصو گذرڻ باوجود پيئڻ جي پاڻي جي سپلاءِ بند ھجڻ ڪري، شھري مٺي پاڻي لاءِ سخت پريشان آھن، انھي سلسلي ۾ عورتن پاڻي جا خالي دلا ۽ ڪين کڻي،نيوڇور عمرڪوٽ مين روڊ تي احتجاج ڪري ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي لڇمي ٻائي، سيتا ٻائي، اڪيلي ٻائي ۽ ٻين چيو ته شھر جي مختلف پاڙن ۾ گذريل ٻن مھينن کان واٽر سپلاءِ جي فراھمي معطل ھجڻ ڪري شھري مٺي پاڻي کان محروم آهي، اختياريون نوٽيس وٺي پاڻي فراهم ڪن.