نيوسعيدآباد (ن پ ا) نيوسعيدآباد ڀرسان چنگچي رڪشا شاخ ۾ ڪرڻ سبب 2 معصوم ٻارڙيون فوت، سندن پيءُ زخمي، صدمي ۾ ڏاڏو دل جي دوري سبب فوت، نينگرين جا والدين بيھوش، نيوسعيدآباد لڳ ڳوٺ اوطاق پير فضل الحق شاهه جي واسي ملاح برادري جي فيملي نيوسعيدآباد ۾ نادرا آفيس مان ڪم لاھي واپس ڳوٺ وڃي رھي ھئي ته نيوسعيدآباد پراڻي سعيدآباد لنڪ روڊ تي ٽگھاٽو موڙ وٽ چنگچي تيز رفتاري ۽ رستو خراب ھئڻ سبب وھندڙ شاخ ۾ ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ چنگچي ۾ سوار علي بخش ملاح جون 2 معصوم نياڻيون ٽن سالن جي نور جھان ۽ هڪ سال جي پارسان موقعي تي ئي ٻڏي فوت ٿي ويون، جڏھن ته علي بخش ملاح زخمي ٿي پيو، فوتي ٻارڙن ۽ زخمي کي ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن شاخ مان ڪڍي اسپتال پھچايو اھڙو اطلاع فوتي نينگرين جي ڏاڏي ملوڪ پٽ الھڏنو ملاح کي مليو ته اهو صدمي ۾ دل جو دورو پيو جنهن کي اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، اطلاع تي سوين شھري ۽ ڳوٺاڻا تعلقا اسپتال پھچي ويا. ٽنھي فوتين جا لاش ايمبولينس ذريعي ڳوٺ اوطاق پير فضل الحق شاهه راشدي اماڻيا ويا، ٽئي لاش جڏھن ڳوٺ پھتا ته ڪھرام مچي ويو، فوتي نينگرين جا والدين کي بيھوشيءَ جا دورا پئجي ويا جن کي فوري طبي امداد ڏيئي ھوش ۾ آندو ويو رات دير سان سندن تدفين اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي. هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه ٻن ٻارڙين جي بالا برانچ مائينر ۾ ٻڏي فوت ٿيڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو، وڏي وزير پاران ٻارڙين جي ٻڏي فوت ٿيڻ جي معاملي تي افسوس جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، وڏي وزير پاران سوڳوار خاندان سان همدرديءَ جو اظهار پڻ ڪيو ويو.