نيو سعيدآباد (ن پ ا) نيوسعيد آباد ويجھو قومي شاھراھ تي پيرجھنڊو وٽ تيز رفتار ٽرالر  ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، حادثي ۾ ڏھين ڪلاس جو امتحان ڏئي واپس ويندڙ ڳوٺ جعفر حاجاڻو واسي 2 شاگرد علي گل حاجاڻو ۽ 10 ورهين جو  منور پٽ ايوب حاجاڻو موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا. جڏھن ته ھڪ ڄڻو فياض حاجاڻو  سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته  ٽرالر ڊرائيور ٽرالر سميت فرار ٿي ويو.