نيوسعيدآباد (ن پ ا) نيوسعيدآباد ويجھو ڳوٺ محمد خان مگسي جو رھواسي  علائقي جي مشھور شخصيت  45 ورهين جو  ثابت علي مگسي موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ڪري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي  تعلقا نيوسعيدآباد آندو ويو، جتي طبي امداد بعد ايمبولينس نه ھجڻ ڪري نجي گاڏي ۾  حيدرآباد لمس اسپتال نيو ويو، جتي پھچڻ شرط ئي ڳوٺاڻي زخمن جا سور نه سھي دم ڏئي ڇڏيو.