نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيوسعيدآباد ويجھو ونجھيڙي وٽ سروري ڪاٽن فيڪٽري کي باھه پنج ھزار مڻ ڦٽيون سڙي رک ٿي ويون، فيڪٽري جي مالڪ مھيش ڪمار جو چوڻ ھو ت فائر برگيڊ ھالا نيوسعيدآباد ۽ شھداد پور کي اطلاع ڪيو پر اھي ٽي ڪلاڪ دير سان پھتا جنھن ڪري تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي ۽ ڪروڙين رپين جون ڦٽيون سڙي رک بڻجي ويون ھن چيو ت اسان ٽيڪس ڏيندڙ آھيون پر انتظاميا اسان جي ڪاب مدد ن ڪئي انھن جي ناقص ڪارڪردگي سبب  پنج ھزار مڻ ڦٽيون سڙي ويون نامعلوم سبب جي ڪري لڳندڙ باھه کي ٻن ڪلاڪن جي ڪوششن بعد مٽياري کان دير سان ايندڙ فائر برگيڊ عملي وسائي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو.