ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ( نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ) سينٽرل ڪانٽريڪٽس حاصل ڪندڙ رانديگرن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو پاڪستاني ڄائي محمد عباس به شامل آهي. محمد عباس هلندڙ سال جي شروعات ۾ پاڪستان خلاف سيريز دوران نيوزيلينڊ لاءِ ڊيبيو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ هاڻي کيس باضابطا طور تي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو آهي.ان کانسواءِ مچ هي، زيڪ فولڪس ۽ آدي اشوڪ کي به پهريون ڀيرو ڪانٽريڪٽ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تجربيڪار اسپنر اش سوڌي، اعجاز پٽيل ۽ جوش ڪلارڪسن هن دفعي سينٽرل ڪانٽريڪٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب، ڪين وليمسن، ڊيون ڪانوي، فن ايلن، ٽِم سيفرٽ ۽ لوڪي فرگوسن سان سينٽرل ڪانٽريڪٽ بابت ڳالهيون اڃا تائين جاري آهن ۽ تمام جلد حتمي اعلان ڪيو ويندو.