ڪرائسٽ چرچ (اسپورٽس نيوز) چيمپيئنز ٽرافي 2025ع کان اڳ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ کي وڏو جهٽڪو لڳي ويو. نيوزيلينڊ جو فاسٽ بالر لوڪي فرگوسن آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي مان ٻاهر ٿي ويو، فرگوسن کي وارم اپ ميچ دوران پير ۾ سور جي شڪايت ڪئي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب، ميڊيڪل پينل فاسٽ بالر معانفي کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو آهي ته هو چيمپيئنز ٽرافي جي ميچن لاءِ دستياب نه ٿي سگهندو، تنهن ڪري سندس جاءِ تي ڪائل جيميسن کي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.