ممبئي ( اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي رانديگرن کي موڪل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب، نيوزلينڊ خلاف ميچ کانپوءِ ڪپتان روهت شرما سميت ڪيئي ڪرڪيٽرز کي بريڪ ڏني ويندي، ڀارت جي نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف ميچ ۾ هڪ هفتي جو وقفو آهي، ان وقفي دوران ڀارتي ڪرڪيٽرن کي موڪل ڏني ويندي. ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ميچ آچر تي آهي جڏهن ته ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ ميچ 29 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي. رانديگرن کي بريڪ ڏيڻ بابت ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته رانديگر ايشيا ڪپ کان هينئر تائين پنهنجي گهر ناهن وڃي سگهيا تنهنڪري ان ميچ کانپوءِ هڪ هفتي دوران رانديگرن کي بريڪ جو آپشن ڏنو ويندو، جنهن تحت نيوزيلينڊ واري ميچ کانپوءِ ٻه ٽي ڏينهن فيملي سان گڏ گذاري سگهندا. ڀارتي ميڊيا موجب ان دوران روهت شرما، ويرات ڪوهلي، شُڀمَن گِل، ڪي ايل راهول، شرياس ائير، جسپريت بُمرا ۽ هاردِڪ پانڊيا به موڪلن ڪرڻ وارن ڪرڪيٽرز ۾ شامل هوندا.