هيملٽن (اسپورٽس نيوز) ٽن ميچن واري ٽيسٽ سيريز جي آخري ميچ ۾ نيوزيلينڊ انگلينڊ کي 423 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، جڏهن ته سيريز انگلينڊ 1-2 تان کٽي ورتي، ٽاس کٽي انگلينڊ فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو پهرين اننگ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 347 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ مچل سينٽنر 76، ڪپتان ٽوم ليٿم 63، ڪين وليمسن 44 ۽ ول ينگ 42 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، انگلينڊ طرفان ميٿيو پوٽس 4، گس ايٽنڪسن 3، برائڊن ڪارس 2 ۽ بينڪ اسٽوڪس هڪ وڪيٽ ورتي، جواب ۾ انگلينڊ جي پوري ٽيم 143 رنسن تي ڍير ٿي وئي، انگلينڊ طرفان جوءِ روٽ 32، ڪپتان بين اسٽوڪس، 27، اولي پوپ 24 ۽ زيڪ ڪرولي 21 رنسن جي اننگ کيڏي مزاحمت ڪئي، نيوزيلينڊ طرفان ميٽ هينري 4، ول اوروڪي ۽ مچل سينٽنر 3 ، 3 وڪيٽون ورتيون، پنهنجي ٻي اننگ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 453 رنسون اسڪور ڪيون، نيوزيلينڊ طرفان ڪين وليمسن 156 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي، ٻين رانديگرن ۾ ول ينگ ۽ ڊيرل مچل 60، 60 رنسون ٺاهيون، مچل سينٽنر 49 ۽ رچن رويندرا 44 رنسن سان نمايان رهيا، انگلينڊ طرفان جيڪب بيٿل 3، شعيب بشير ۽ بين اسٽڪس 2، 2، جڏهن ته ميٿيو پوٽس، گس ايٽنڪسن ۽ جو روٽ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، پنهنجي ٻي اننگ ۾ گهربل هدف پٺيان انگلينڊ جي پوري ٽيم 234 رنسن تي ڍير ٿي وئي، انگلينڊ طرفان جيڪب بيٿل 76، جو روٽ 54 ۽ گس ايٽنڪسن 43 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، نيوزيلينڊ طرفان مچل سينٽنر 4، ميٽ هينري ۽ ٽم سائوٿي 2، 2 ۽ ول اوروڪي هڪ وڪيٽ ورتي، نيوزيلينڊ جي مچل سينٽنر کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، جڏهن ته انگلينڊ جي هيري بروڪ کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو، اهڙيءَ ريت انگلينڊ ٽن ميچن واري سيريز هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچن تان کٽي ورتي.