مائونٽ مينگنوئي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪيوي ڪرڪيٽر ۽ مشهور مبصر ڊيني موريسن پنهنجي ڪرڪيٽ بورڊ تي سواليه نشان لڳائي ڇڏيا. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏي ويندڙ سيريز جي ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ دوران ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن به گرين شرٽس دوري تي ايندا آهن ته پچ بائونسي ٺاهي ويندي آهي پر جڏهن ڀارتي ٽيم دوري تي ايندي آهي ته بيٽنگ پچ ٺاهي ويندي آهي. ”مان هن ٻٽي معيار کي بلڪل به نه ٿو سمجهان، اهو واقعي مايوس ڪندڙ آهي

 

 

، ٻئي طرف ڪيويز پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 5 ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ 1-4 ۽ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي. قومي ٽيم دوري دوران رڳو هڪ ٽي ٽوئنٽي ميچ کٽي سگهي جڏهن ته کيس 6 ميچن ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.