حيدرآباد: نينگر رشيد کوسو جي مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ اچڻ بعد زميندار برڪت ڀرٽ به فيملي سميت پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن نينگر آپگهات ڪيو هو ته زميندار پوليس کي اطلاع ڏي ها پر هن بنا پوليس ڪاروائي جي لاش ڳوٺ اماڻي معاملي کي مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو آهي جڏهن ته زميندار جي گهر کي تالو لڳل آهي ان ڪري هو سندس گهران به شاهديون گڏ ناهن ڪري سگهيا پر گرفتار سندن چوڪيدار کان معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي