ميھڙ(ن پ ا) ميهڙ لڳ نينگري جنسي ڏاڍائي جو شڪار بڻجي وئي، بااثر راڄوڻي لاءِ سرگرم ٿي ويا، وارث انصاف لاءِ صحافين وٽ پهتا
ڳوٺ مھراب ڳورڙ ۾ گھران دڪان تي شي وٺڻ لاءِ ويل پورھيت سردار قمبراڻي جي 15 ورهين جي (ص) کي نوجوان پهلوان قمبراڻي هڪ جاءِ ۾ وٺي وڃي زبردستي جنسي حوس جو نشانو بڻايو، رڙين تي پاڙيوارن پهچي همراهه کي سوگهو ڪيو پر سندس بااثر وارث کيس ڇڏائي ويا
نينگري جو طبي معائنو ڪري جزا ورتا ويا، وارثن ٿاڻي پهچي پهلوان قمبراڻي خلاف رپورٽ داخل ڪرائي پر پوليس کيس گرفتار نه ڪري سگهي آهي
متاثر نينگري جي والد سردار قمبراڻي ، امڙ راھمان قمبراڻي ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي دانھيو آھي ته اسان غريب پورھيت آھيون بااثر اسان کي ڌمڪائي رھيا آھن ته مامرو راڄوڻي ذريعي حل ڪريو، جوابدار اسان سان ظلم ڪيو آھي، ھنن گھر ڪئي آھي ته واقعي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي
هن کي به پڙهندا