ھالا (ن پ ا)عذرا قتل ڪيس جي معاملي جي پل پل جي خبر صرف ٽائيم نيوز تي بريڪ ٿيڻ تي مٽياري عدالت جي ڪيس تي اھم نظر ثاني ڪري جوابدار جي ضمانت جو فيصلو محفوظ ڪيو ويو آھي، ھالا ڀرسان ڳوٺ خداآباد ۾ ھڪ مھينو 23 ڏينھن اڳ بيدرديءَ سان قتل ٿيندڙ 9 ورھين جي معصوم نينگري عذرا ڌئ ايوب چانڊيو جي قتل ۾ ملوث ٻن جوابدارن مان ھڪ جوابدار عورت عائشا ملاح پاران ضمانت جي جمع ڪرايل درخواست تي مٽياري جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿئي،ٻنھين ڌرين جي وڪيلن عدالت ۾ دليل پيش ڪيا،ايڊيشنل سيشن جج مٽياري عبدالوحيد کوسو ٻنھين ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪندي فتويٰ جي تاريخ ايندڙ 30 سيپٽمبر تي رکي ڇڏي آھي،مٽياري جي عدالت ۾ نينگري جي امڙ ڪيس جي فرياديڻ مسمات زيبو چانڊيو ۽ فريادي ڌر جا شاھد پڻ پيش ٿيا،جتي ايڊيشنل سيشن جج عبدالوحيد کوسو پاران ڪيس جي فرياديڻ مسمات زيبو کان قتل ٿيل معصوم نينگري عذرا چانڊيو جي قتل جي باري ۾ آڏي پڇا ڪئي وئي،بعد ۾ ڪيس جي فرياديڻ قتل ٿيل نينگري جي امڙ زيبو چانڊيو چوڻ ھو تہ عدالتن مان پر اميد آھيون اميد آھي تہ ايندڙ ٻڌڻي 30 سيپٽمبر تي ايڊيشنل سيشن جج مٽياري پاران جوابدار عائشا ملاح جي ضمانت رد واري فتويٰ ٻڌائي ويندي، ياد رھي ته3 آگسٽ 2024 تي ھالا ڀرسان ڳوٺ خداآباد ۾ ھي درد ناڪ واقعو پيش آيو ھو جتي ويڳي مامي ميانداد چانڊيو ۽ ھڪ عورت عائشا ملاح پاران 9 ورھين جي معصوم نينگري عذرا چانڊيو کي ھڪ سوني والي خاطر گھٽا ڏئي سندس مٿي جي پوتئ سان ڦاھو ڏيڻ بعد قتل ڪري سندس ڪن مان سوني والي لاھيندڙ ٻن گرفتار جوابدارن مان ھڪ جوابدار عائشا ملاح جي رھائي لاءِ ايڊيشنل سيشن جج مٽياري وٽ ضمانت واري ڏنل درخواست تي اڄ ٻڌڻي ٿي آھي، جتي ايڊيشنل سيشن جج پاران فتويٰ جو فيصلو ايندڙ 30 سيپٽمبر تائين محفوظ ڪيو ويو آھي.