پرٿ(انٽرسٽنگ نيوز) اولهه آسٽريليا ۾ هڪ دريا ۾ ترڻ دوران شارڪ جي حملي ۾ هڪ 16 سالن جي نينگري فوت ٿي وئي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آسٽريليا ۾ سوان درياءَ ۾ شينٽن ڪاليج جي 16 سالن جي شاگردياڻي اسٽيلا بيري شارڪ مڇيءَ جي حملي سبب فوت ٿي وئي. اهڙو اتر فرمينٽل جي علائقي ۾ پيش آيو، اسٽيلا بيري کي جڏهن درياهه مان ڪڍيو ويو ته اها زندهه نه هئي، اختيارين اندازي مطابق نينگريءَ کي بُل شارڪ جي نشانو بڻجڻ جي تصديق ڪئي. ڊيلي ميل موجب نينگري ڇنڇر ڏينهن منجهند جو اتر فريمينٽل ۾ سوان درياءَ ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ رسيءَ جي جهولي سان آرام ڪري رهي هئي، جڏهن هن ڊولفنن جي هڪ ٽولي ڏٺي ته انهن پويان پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪجهه ئي دير کانپوءِ هن جي دوستن ۽ ٻين ماڻهن ڏٺو ته هڪ شارڪ نينگريءَ جي ڄنگهه ڏندن ۾ دٻائي رهي آهي، ڪناري تي بيٺل ماڻهن بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ نينگريءَ کي ڪناري تائي گهلي آيا پر اها فوت ٿي وئي.