نيل درياهه ۽ مصر مان سبق پرايو سنڌيو … جاويد حالتي

0
20

 سنڌي ماڻھو پنھنجي ڌرتي ۽ درياهه کان غافل نه ٿين ھا ته نه سکر بئراج جا در لڙھن ھا نه سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙا لڳن ھا نه ئي illegal ڊيم ،بئراج ۽ ڪئنال ٺھن ھا نه ھٿرادو ٻوڏن ۾ دربدر ٿين ھا .

                         اچو ۽ پڙھو مصر جي نيل درياهه کي جتي اڄ به سياحت جو اوج ۽ وڏا سفري ٻيڙا پڻ ھلن ٿا ۽ سنڌ جي واھن کي گٽر بڻايو ويو .

نيل درياهه مصر

                         مصر ۽ نيل هڪ سنگم جو نالو آهي ائين ئي سنڌو ۽ سنڌ هڪ روح جو نالو آهن . نيل يارهن ملڪن مان وهي مصر سان ملندو آهي ۽ ان جي سيني تي 50 کن ڊيم آهن پر صاف ۽ واضع لکيل معاهدن جي ڪري ڪنهن ملڪ ۾ اها همٿ ناهي جو ڪير ڪنهن جو پاڻي روڪي تڏهن ئي هتان وارا چوندا آهن ته نيل ان ڪري آباد آهي ڇو جو اتي پنجاب ناهي .

                         نيل درياهه فريقا ۽ دنيا جو وڏو درياهه آهي . جيڪو ڇوڙ ميڊيٽيرن سمنڊ ۾ ڪندو آهي .

بيسن سائيز . 3349000چورس ڪلوميٽر

ويڪر . 2.8 ڪلوميٽر

گهرائي . 8. ميٽر ۽ 11 ميٽر

ڊيگهه 6658 ڪلوميٽر ۽ يارهن ملڪ ڪراس ڪندو آهي .

اهي هي آهن جمهوريه ڪانگو، تنزانيا، برونڊي، روانڊا يوگينڊا، ڪينيا، ايٿوپيا، اريٽيريا، ڏکڻ سوڊان  سوڊان  ۽ مصر .

نيل 1800 فٽ ويڪرو درياهه آهي جنهن ۾ اڄ به پاڻي وارا جهاز هلن ٿا جيڪي تجارت لاءِ به استعمال ٿين ٿا ۽ تفريح لاءِ به ۽  لکين سياح اتي گهمڻ اچن ٿا ۽ مصر وارن نيل جا ڪنارا ايترا ته سهڻا ٺاهيا آهن جو اتي شاندار هوٽل ۽ تفريحي مقام آهن . جيڪي ڏيهي پرڏيهي سياحن لاءِ باعث ڪشش آهن . ڏکڻ سوڊان ۽ سوڊان ۾ ته ٻاڦ وارا ٻيڙا 2400 ڪلوميٽر تائين هلندا آهن .

نيل زراعت لاءِ پاڻي ماهيگري ۽ توانائي جو اهم وسيلو آهي.

نيل جي ڪنارن تي آباد شهر . جنجا قاهرا  جبا ۽ خرطوم

هن درياهه جا اهم وسيلا بليو نيل ۽ اڇي نيل ۽ اطبارا آهن .

درياهه جا اهم هنڌ جتان هن درياهه کي پاڻي ملي ٿو .

اڇي نيل هي هڪ مکيه ۽ وڏي ندي آهي ۽ گريٽ ليڪ ريجن ۾ وڪٽوريا ندي کان شروع ٿئي ٿي ۽ يوگنڊا ۽ ڏکڻ سوڊان ۾ وهي ٿي .

نيري نيل .. بليو نيل .جيڪا نيل درياهه کي سڀ کان وڌيڪ پاڻي رسائي ٿي ۽ هي ئي ندي نيل جي 80 سيڪڙو پاڻي ۽ لٽ جو اهم ذريعو آهي . بليو نيل طانا ڍنڍ ايٿوپيا کان شروع ۽ پوءِ سوڊان ۾ رسي ٿي .

نيل جو آخري ڇيڙو قاهرا آهي اتان هي عظيم ندي بهترين ڊيلٽا ٺاهي اسڪندريا ۾ ميڊيٽيرن سمنڊ ۾ بي ڌڙڪ سينو ساهي ٿي ۽ سنڌؤ جي ڊيلٽا ۾ واري اڏامي ٿي سواءِ ٻوڏ وارن ڏينهن جي .

اثوان ڊيم هيٺانهون ۽ مٿيون ٻه ڊيم آهن جن مصر کي ٽيڪائي ڇڏيو . نيل تي يارنهن ملڪن ۾ 50 کن ڊيم ۽ مصر ۾ 7 بئراج ۽ نيل تي يارنهن ملڪن ۾ 342 پلون پيل آهن جيڪي آمد رفت جو اهم وسيلو آهن .

نيل درياهه سڄي آفريقا کنڊ جو ڏهه سيڪڙو ايراضي سيراب ڪندو آهي . نيل درياهه مصر کي خدائي تحفو آهي . ائين ئي جيئن سنڌو شينهن درياهه سنڌين کي خدائي تحفو مليل آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته مصر وارا نيل درياهه تي سر ساهه ڏيندا آهن سنڌين جي سنڌو جو رخ ئي موڙيو ويو ۽ ڊيم ٺاهي ۽ ٺڳي جا ٺاهن ڪري سنڌُو سمنڊ سان ميلاپ ڪين ڪري سگهندو آهي .

بهرحال نيل درياهه مصري تهذيب ۽ سوڊاني سلطنت کي اوج ڏيندڙ درياهه آهي . ڌڻي شل درياهه سنڌو ۽ نيل سميت ڌرتي جا سمورن درياِئن کي آباد رکي …(فيس بوڪ تان ورتل)