ست ڏينهن لڳاتار سفر ۾ گذريا. گذريل خميس جي صبح گهران نڪتس. 15 فيبروري تي اسان جي وڏي ادا سائين مرحوم جي پهرين ورسي هئي. لاهور کان مظفر آباد تائين جي سفر ۾ هر لمحو ان جون يادون، مهربانيون، رهنمائي ۽ ڪجهه معاملن ۾ پوري خاندان جي سخت مخالفت باوجود سندن استقامت سان اسان جو ساٿ ڏيڻ ياد آيو. هو هميشه چوندو: “بابلا، جيڪو صحيح ٿو سمجهين، ان تي قائم رهه. ڪو ٻيو تنهنجو ساٿ ڏئي يا نه، مان توسان گڏ آهيان”.
وقت ۽ سفر حيات مڪمل ٿيو. گذريل سال جي پهرين مهيني ۾ وڏو ادا سائين هن دنيا جي سراءِ مان عدم ڏانهن پنڌ پيو. 15 فيبروري جي صبح سندن مزار تي حاضري ڀري، گل رکيا ۽ تلاوت ڪئي. مون کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ هو چئي رهيو هجي، “اچ منهنجا بابلا، مان توکي سڏيندو رهيس، پر تنهنجا روز جا اداريا لکڻ ۽ ٻين درجنين بهانا هئا نه اچڻ جا، پر هاڻ گذريل سال کان ڇهه ست دفعا ڊگهو سفر ڪري مظفر آباد اچين ٿو”.
امالڪ عرض ڪيم ته زندگي جا خفا اڃا به ساڳيا ئي آهن، مجبورين ۽ ذميدارين مون کي سفر در سفر جي مشقت سهڻ جو حوصلو ڏنو. وڏي ادا سائينءَ جي مزار تي ويهي ساڻن گهڻيون ڳالهيون ڪيم.
پنج ڏينهن مظفر آباد ۾ گذريا ۽ ڇهون ڏينهن تريٽ سيدان، ضلعي راولپنڊي ۾ گذريو. پياري ڀاءَ سيد ذوالفقار نقوي ايڊووڪيٽ هميشه جيان اپر ٽنڊالي ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي شاندار سانجهاندي سان گڏ ڪچهريءَ جو اهتمام ڪيو. سندس دوستن محمد الطاف بٽ، ماجد اعوان ايڊووڪيٽ ۽ ٻين عزيزن سان زبردست ڪچهري ٿي. محمد الطاف بٽ اڳوڻو جهادي رهيو آهي، پر هاڻ حيرت انگيز طور تي خالص انسان دوست بڻجي چڪو آهي. هن پنهنجي جهاد واري دور جون ڳالهيون ۽ پوءِ خدمت خلق جي منظم سرگرمين بابت قصا دلچسپ انداز ۾ ٻڌايا.
الطاف بٽ رياستي اسيمبلي جي گذريل چونڊن ۾ راجا فاروق حيدر جي مقابلي ۾ اميدوار طور ميدان ۾ لٿو هو. آزاد ڪشمير جي ان تيز مزاج ۽ جلد ڪاوڙجندڙ سياستدان جي مقابلي ۾ چونڊ ميدان ۾ لهڻ پاڻمرادو ڪنهن جهادِ اڪبر کان گهٽ نه هو. راجا فاروق حيدر اڳ سردار عبدالقيوم خان جي مسلم ڪانفرنس ۾ هوندو هو، پوءِ مسلم ليگ (ن) جي آزاد ڪشمير چيپٽر کي پيارو ٿي ويو. صرف راجا فاروق حيدر ئي نه، پر آزاد ڪشمير ۾ پاڪستاني سياسي جماعتن جي شاخن ۾ جيڪي ماڻهو سرگرم آهن، انهن مان گهڻا اڳ ۾ مسلم ڪانفرنس ۾ ئي رهيا آهن. جماعت اسلامي، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) سان گڏوگڏ تحريڪ انصاف جي پهرين ۽ ٻئين درجي جي قيادت به اڳ “ڪانفرنسي” رهي آهي. آزاد ڪشمير ۾ جماعت اسلامي جو باني، عبدالباري خان مرحوم، اڳي مسلم ڪانفرنس جو نائب صدر هوندو هو. سادن لفظن ۾، توهان چئي سگهو ٿا ته آزاد ڪشمير ۾ قائم پاڪستاني سياسي جماعتن جي ‘مدر پارٽي’ مسلم ڪانفرنس آهي. پاڪستان جي انتظام هيٺ آزاد ڪشمير جي موجوده صدر بيريسٽر سلطان محمود ڪشمير جو “مصطفيٰ کر ايڊيشن” آهي (اها ڳالهه شادين نه، پر پارٽين مٽائڻ جي حوالي سان آهي). پنهنجي والد، چوڌري نور حسين مرحوم جي آزاد مسلم ڪانفرنس کانسواءِ، هو لڳ ڀڳ هر سياسي جماعت جي سياسي ۽ اقتداري گهاٽ گهاٽ مان سيراب ٿي چڪو آهي.
آزاد ڪشمير ۾ هن وقت بظاهر ته پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف جي گڏيل حڪومت آهي. شهر ۾ هڪ اتاهين هنڌ تي واقع “وائيٽ هائوس” سڀني جو اقتداري ڪعبو آهي، يعني “تنهنجي دربار ۾ پهتا ته سڀ هڪ ٿيا”. حقيقت اها آهي ته، هڪ عام سياسي ڪارڪن کان وٺي موٽر سائيڪل کي ڀاڙي تي هلائيندڙ عام شهريءَ جي مضبوط راءِ اها ئي هئي ته هي سڀ “پتلي تماشو” آهي. پتلين جون ڏورون “وائيٽ هائوس” ۾ ويٺل پاڪستاني آفيسر جي هٿن ۾ آهن. جڏهن ڏورون لڏن ٿيون ته پتليون هلن، ناچن ۽ ٺينگ ٽپا ڏين ٿيون.
معاف ڪجو، سيد ذوالفقار حيدر نقوي ايڊووڪيٽ جي رهائشگاهه تي منعقد ٿيل ڪچهريءَ واري ڳالهه ٻي طرف نڪري وئي. محمد الطاف بٽ پنهنجي زندگي جي مختلف دورن جي داستان جا ڪجھ قصا ٻڌايا. جهادي ڏيک ويک وارو الطاف بٽ جڏهن ان شام ميزبان جي ڊرائنگ روم ۾ داخل ٿيو ته پهرين مون کي محسوس ٿيو ته شايد ڪنهن شدت پسند مولويءَ سان هٿين ٻکين پوڻ اڻٽر ٿو لڳي، پر جڏهن هن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته محسوس ٿيو ته هو زندگيءَ جي سفر جي تجربن، مشاهدن ۽ ٻڌايل توڙي اڻ ٻڌايل ڪهاڻين جي دولت سان مالامال آهي. ڪچهريءَ دوران، هن جو هڪ قيمتي جملو ڪنن تي هٿوڙي وانگر لڳو. چيائين، “شهيدن جي ڪفنن مان گاڏين ۾ پيٽرول ڀرائيندڙ ڳِجهون، جهاد کي پَٽي کائي ويون”.
راجا فاروق حيدر جي مقابلي ۾ اميدوار بڻجڻ ۽ پوءِ امير اطاعت امير تان دستبردار ٿيڻ جي ڪهاڻي، بغاوت پويان پير ڪرڻ تائين جو احوال آهي. هو جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو ٽڪيٽ هولڊر هو. جيتوڻيڪ هٿ کڻايو ويو، پر راجائي سياستدانن جي بنيادن کي هن لوڏي ڇڏيو.
تاريخ، عالمي، پاڪستاني ۽ آزاد ڪشمير جي سياست، پاڪستان ۾ مختلف قوميتن جي قومپرستن جي سياسي ساڃهه، مسلم تاريخ جي مختلف دورن تي الطاف بٽ، ماجد اعوان ايڊووڪيٽ ۽ ٻين دوستن جا چڀندڙ سوال هئا، جن جا جواب مون هڪ طالب علم جي حيثيت سان پنهنجي وس آهر ڏنا. پيپلزپارٽي جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي به کليل بحث ٿيو. ڪچهريءَ دوران ميزبان سيد ذوالفقار حيدر نقوي ايڊووڪيٽ سميت سڀ دوست موسمياتي تبديلين جي اثرن کان پريشان نظر آيا. برساتون نه پوڻ ڪري سوڪهڙي جو خطرو ٻيڻو ٿي ويو آهي. سيد نقوي ٻڌايو ته سوين چشما سڪي ويا آهن، پاڻيءَ جي کوٽ سبب جبلن تي سوڪهڙي جا خوفناڪ منظر نظر اچن ٿا، جيڪي اڳي ڪڏهن نه ڏٺا ويا هئا. سوڪهڙي جي اثرن کي سمجهي پکين به ڏورانهن ڏيهن ڏانهن اڏامي ويا آهن. سفر دوران، اسان به سوڪهڙي جا هڪ- ٻه منظر پنهنجي موبائل ڪيمرا ۾ محفوظ ڪيا. مظفر آباد کان اپر ٽنڊالي ۽ پوءِ ڪوهالا تائين، اڳي جيڪي سرسبز نظارا هوندا هئا، اهي هاڻ ماضي لڳن ٿا. هاڻ ته سڪل گاهه، بي رونق وڻ، ۽ وهندڙ چشمن جي دريائن ۾ ڇوڙ ڪرڻ واري هنڌن تي سوڪهڙي واري حالت ڏسي دل گهٻرائڻ لڳي. آئون سيد نقوي جو ٿورائتو آهيان، جو هن روايت موجب هڪ بهترين ڪچهريءَ جو اهتمام ڪيو ۽ مختلف ويچار رکندڙ دوستن ۽ عزيزن سان ڳالهائڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هي طالب علم اهڙين ڪچهرين مان زندگي جو لاڀ حاصل ڪري ٿو. سماج جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ دوستن جي “اگر مگر، چونڪه، چنانچه” کان پاڪ ۽ سڌي ڳالهه معلومات ۾ واڌارو ڪندي آهي.وڏي ادا سائينءَ جي ورسيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ کان علاوه، ٻن دوستن، راجا انور القمر ايڊووڪيٽ ۽ سيد شبير حسين شاهه سان، انهن جي وڇڙيل پيارن جي عذر خواهي رهيل هئي. ٻنهي دوستن وٽ حاضري ڀري، تعزيت ڪئي. پياري ڀاءَ ثاقب اعوان جي روزگار واري هنڌ “مسٽر بڪس” تي به ڊيرا ڄمائڻ جو خوب موقعو مليو. ثاقب اعوان پاڻ به گهڻ- پڙهيو شخص آهي، ان سان نهايت دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي. جڏهن هو وڏي ادا سائينءَ جي يادگيرين جو دفتر کوليندو آهي، ته دل چوندي آهي ته بس ٻڌندو ئي رهان. مظفر آباد ۾ ئي، اسان هڪ محترم دوست جي خدمت ۾ عرض ڪيم: “غم نڀائڻ جي شيءِ آهي، اوڍڻ جي نه. غم اوڍڻ سان ذميوارين کان منهن- موڙ ٿي ويندي آهي، پر نڀائڻ سان زندگيءَ جا معاملا متاثر نه ٿيندا آهن”.
مظفر آباد ۾ پنج ڏينهن تمام سٺا گذريا. ڪاش! وڏو ادا سائين حيات هجي ها، پنهنجن دڙڪن ۽ ڇينڀڻ سان مختلف موضوعن تي پنهنجي بليغ گفتگو مان فيض وٺڻ جو موقعو ڏئي ها. پر ڇا ٿو ڪري سگهجي ٿو؟ هتي ڪو به هميشه نه ٿو رهي. پيارن جي وڇوڙي جو درد گھرا گهاءَ لڳائي ڇڏي ٿو. منهنجو ڏک ته اهو آهي ته 1996ع ۾ مون وصيت ڪئي هئي ته “منهنجي جنازي نماز وڏو ادا سائين ئي پڙهائي”. پر بدقسمتيءَ سان گذريل سال اسان پاڻ سندن جنازي نماز پڙهي. هاڻي بس پهرين ورسي جي موقعي تي دعا ڪري سگهيا آهيون. اسان جي پياري ڀاءَ سيد ذوالفقار حيدر نقوي ايڊووڪيٽ، مونکي محترم دانش ارشاد ۽ جاويد عنايت جو هڪ هڪ ڪتاب تحفي طور ڏنو. انهن ٻنهي ڪتابن جو مطالعو هاڻ قرض آهي. اهي ڪتاب “ڪشمير جي مسئلي تي، ڪشميري عوام ڇا سوچي ٿو، ۽ ورهاڱي کانپوءِ مڙهيل حالتن بابت سندن راءِ ڪهڙي آهي” ان کي سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿيا.
پڇاڙڪا لفظ اهي آهن ته، رياست ڄمون ۽ ڪشمير ۾، پاڻ کي سوادِ اعظم سمجهندڙ مسلم ڪانفرنس کي پنهنجي موجوده حالت جو ٿڌي دل سان تجزيو ڪرڻو پوندو. اهو به سمجهڻو پوندو ته ان جي سياست جو بنياد، يعني الحاق پاڪستان جو نظريو، هاڻ پنهنجي ڪشش ۽ ضرورت ٻنهي کان محروم ٿي چڪو آهي.
(هن سفر جي ڪجهه وڌيڪ يادگيرين، ڳالهين، ۽ سيد مهربان بخاري سان ٿيل ٻن ڪچهرين جو ذڪر پوءِ ڪبو).