نيلم ۽ جهلم جي سنگم تي پنج ڏينهن

0
41
نيلم ۽ جهلم جي سنگم تي پنج ڏينهن

 پاڪستان جي انتظام هيٺ آزاد ڪشمير ۾ ٽي وڏيون پاڪستاني سياسي پارٽيون گڏجي هڪ مخلوط حڪومت ٺاهيون ويٺيون آهن. هن مخلوط حڪومت جو وزيراعظم چوڌري انورالحق هاڻوڪن ڏينهن ۾ جهاد جي جوش ۾ ورتل آهي. چوندو رهي ٿو ته ڪشمير جي آزادي لاءِ جهاد تمام ضروري آهي، بغير ان جي آزادي ممڪن ناهي. اسان هڪ دوست آڏو آزاد ڪشمير جي هن رياستي وزيراعظم جي جهاد واري شوق بابت سوال رکيو ته هو چوڻ لڳو، “هتي آزاد ڪشمير ۾ ڪهڙي آزادي آهي؟ سڄو نظام هڪ ڪرنل جي ‘مار’ آهي”. ان دوست مظفرآباد سينٽرل بار ايسوسيئيشن جي تازين چونڊن ۾ “وائيٽ هائوس” جي مداخلت ۽ ان مداخلت جي نتيجي ۾ سامهون ايندڙ نتيجن بابت تفصيل سان ڳالهايو. اسان عرض ڪيو ته، ڇا سينٽرل بار ايسوسيئيشن جا ميمبر ايترا ئي بيوس هئا، جو انهن “وائيٽ هائوس” جي اشاري تي فرمانبردار قيادت چونڊڻ ۾ ئي عافيت سمجهي؟ دوست جو چوڻ هو ته، “برادري ازم، علائقائي سياست جون ڌڙي بنديون، ۽ بار جي چونڊن ۾ مقامي ۽ غير مقامي هجڻ جو تعارف ۽ ٺٺول به اثرانداز رهيا”. حيرت ٿي ته هڪ اميدوار جي رڳو ان ڪري به مخالفت ڪئي وئي جو هو مظفرآباد بجاءِ ضلعي نيلم جو رهواسي هو.

خير، هي اميدوار اهو ئي هو، جنهن “سڏرائڻ تي ٿيل ملاقات” ۾ چيو هو ته، “بار ايسوسيئيشن جا معاملا وڪيلن تي ڇڏيو”. سادن لفظن ۾، هن ‘وائيٽ هائوس’ کي بار جي چونڊن ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو. پر اهو مشورو ابتو ٿي ويو، انهن نه رڳو مداخلت ڪئي، پر ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو ته هي واترادو اميدوار ڪامياب نه ٿئي. هن صورتحال تي افسوس ٿيو، پر اهو عرض ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي ته اسان وٽ به ماضيءَ ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ڪورم پورو ڪرڻ جي ذميواري ٻن ڪرنلن جي حوالي ئي هئي. اها به حقيقت آهي ته جن جي دور ۾ ٻئي ايوان ڪرنل صاحبان هلائيندا هئا، اهي ئي اڄڪلهه اينٽي اسٽيبلشمينٽ سياست جا “داناءُ ۽ بينا” آهن. جيتريقدر آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي “جهاد جي دوري” جو تعلق آهي، ته ڇا هو همت ڪري آزاد ڪشمير کي تحريڪِ آزادي جو حقيقي بيس ڪئمپ قرار ڏئي سگهي ٿو؟ نه رڳو اهو، پر وڌيڪ حوصلو ڪري پنهنجو ۽ اسيمبلي جي ميمبرن، وزيرن ۽ مشيرن تي ٿيندڙ خرچ جهاد ۽ ترقيءَ لاءِ مختص ڪري سگهي ٿو؟

هڪ کان وڌيڪ دوستن ڄمون ۽ ڪشمير جي پاڪستان ۽ ڀارت جي انتظام هيٺ علائقن ۾ تعليم، صحت، روزگار، عام ضرورت جي شين جي قيمتن ۽ مقامي ترقي بابت پنهنجو پنهنجو تجزيو پيش ڪيو. هن تجزيي سان اختلاف ممڪن نه آهي، ڇو ته اسان پاڪستاني، ڀارتي والار هيٺ ڪشمير بابت ميڊيا مان ملندڙ خبرن ۽ جماعتين جي پروپيگنڊا کان متاثر ٿي کڻي ڪجهه به چئون، پر اصل شاهدي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي رهواسين جي ئي هوندي.

گذريل ڪالم ۾ به عرض ڪيو هئم ته مسلم ڪانفرنس جو الحاقِ پاڪستان وارو نظريو هاڻ مدي خارج ٿي چڪو آهي، پر ڳالهه صرف اتي ختم نٿي ٿئي. گذريل هڪ سال دوران مظفرآباد ۾ وقفي وقفي سان رهڻ دوران، جيترا به ماڻهو وقت جي سياست، حڪومتي ڪارڪردگي، عوامي مسئلن ۽ مستقبل بابت ڳالهائيندي ٻڌم، سندن سياسي شعور ۽ دليلن تي ٻڌل ڳالهين بنهه حيران ڪري ڇڏيو.

آزاد ڪشمير ۾ هاڻوڪن ڏينهن ۾ عام بحث جا ٻه وڏا موضوع آهن: پهريون، رياستي حڪومت جو چونڊيل بلدياتي ادارن کي اختيارن ۽ وسيلن کان محروم رکڻ. ٻيو، ڇا مستقبل جي سياست، خاص ڪري چونڊ سياست ۾، روايتي سياسي پارٽين، جيڪي پنهنجن حامين ۽ برادري ازم جون پالڻهار آهن، انهن کي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي مزاحمت کي منهن ڏيڻو ته نه پوندو؟  عوامي راءِ اها هئي ته جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سياسي پارٽين لاءِ چئلينج بڻجي سگهي ٿي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته اها سياسي جماعتن لاءِ ڪو وڏو چئلينج نه بڻجندي، ڇو ته ايڪشن ڪميٽي ۾ تقريباً سڀني سياسي جماعتن جا هم خيال ماڻهو شامل آهن. ان ڪري، ايڪشن ڪميٽي عوامي مسئلن تي هڪ منظم ردعمل ته آهي، پر منظم سياسي جدوجهد ۽ تڪڙي ردعمل ۾ فرق آهي. اهو پڻ ته، سياسي جماعتن جي جوڙجڪ ۽ انهن جي وجود تي وقت سان هيٺ مٿانهين ضرور اچي سگهي ٿي، پر انهن جي سياسي حيثيت مڪمل طور ختم نه ٿيندي. ٻي راءِ رکندڙن کان سوال ڪيو ويو ته مسلم ڪانفرنس جي سياسي زوال جا اصل سبب ڪهڙا آهن؟ جواب مليو: بدلجندڙ وقت جي تقاضائن سان هم آهنگ نه رهڻ ۽ نئين نسل جي عصري شعور سان ٽڪراءُ ۾ بيٺو رهڻ. ٻيو ته، پاڪستاني سياسي جماعتن جو رياستي حدن ۾ قيام. مسلم ڪانفرنس سان تعلق رکندڙ اسان جي دوست سيد احسن ڪاظمي سان ملاقات نه ٿي سگهي، نه ته سندن موقف ڄاڻڻ سان گڏ مسلم ڪانفرنس جي زوال تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿئي ها. سيد احسن ڪاظمي هن وقت چوڌري لطيف اڪبر تي مبينا حملي ڪيس ۾ عبوري ضمانت تي آهي. مسلم ڪانفرنس هن حملو ڪيس کي “ٽوپي ڊرامو” قرار ڏئي ٿي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته رياستي اسيمبلي جي اسپيڪر لطيف اڪبر جي قافلي تي حملو ٿيو. پورو سچ سياسي بغض ۽ الزامن جي بار هيٺان دٻجي ويو آهي.

پياري ڀاءَ سيد برهان بخاري سان مهنجون ڪچهريءَ جون ٻه ڊگهيون ويهڪون ٿيون. سيد برهان بخاري آزاد ڪشمير يونيورسٽي جي انتظامي شعبي ۾ هڪ اهم عهدي تي فائز آهي. ساڻن ابتدائي تعارف ڏهاڪو کن اڳ فيس بُڪ جي ذريعي ٿيو، ۽ هن ڀيري مظفرآباد ۾ رهڻ دوران ڪچهريءَ جي ٻن ڊگهين ويهڪن جو موقعو مليو. تقابلي مطالعي جي روشن خياليءَ سان واسيل برهان بخاري سان هڪ ويهڪ  ۾ ماهرِ تعليم جهانزيب آفريدي به شريڪ هو. تصوف، تاريخ، تقابلي مذھب، تشيع ۽ تسنع جا اختلاف، مختلف سياسي دور، ۽ ٻين موضوعن تي ٻنهي ويهڪن ۾ تفصيل سان ڳالهايو ويو. سيد برهان جي سوالن منهنجي حافظي ۽ فڪر جو امتحان ورتو. سندن خواهش هئي ته يونيورسٽي جي سڌ سماءَ واري شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان هڪ نشست رکي وڃي، پر افسوس جو مصروفيتن ۽ اڳ ۾ ڪيل واعدن سبب آئون نئين نسل جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گفتگو ڪرڻ واري سعادت کان محروم رهجي ويس. سيد برهان رڳو سٺو ٻڌندڙ نه پر انهن جا سوال به گهري مطالعي جا عڪاس هئا. ساڻن ٿي ٻئي ويهڪون شاندار رهيون.

اهو اڀاڳ ئي چئجي، جو مظفرآباد ۾ پنج ڏينهن رهڻ باوجود ڪيترن ئي عزيزن ۽ دوستن سان ملاقات نه ٿي سگهي. خاص طور تي، پنهنجي ڀاڻيجي امجد صديق سان ملاقات نه ٿيڻ جو ڏک رهيو. خير، جيڪڏهن صحت ۽ زندگي ساٿ ڏنو ته ملاقات ضرور ٿيندي. اصل ۾، انهيءَ اميد جو سبب اهو آهي ته مون پنهنجي مهربان دوست راجا انوار القمر ايڊووڪيٽ سان واعدو ڪيو آهي ته نيلم ۽ جهلم جي سنگم تي ٻيهر خيما کوڙينداسين ۽ خوب ڪچهريون ٿينديون. معروف صحافي ملڪ عبدالحڪيم ڪاشميري سان ملاقات جو موقعو نه مليو. البته، سيد ذوالفقار حيدر نقوي ايڊووڪيٽ جي چيمبر ۾ سيد جابر علي ڪاظمي ايڊووڪيٽ ۽ ٻين دوستن سان هڪ ويهڪ ٿي. آزاد ڪشمير جي مشهور دانشور، اديب، ۽ شاعر عبدالبصير تاجور سان ملاقات لاجواب رهي. تاجور صاحب ڪشمير جي پسمنظر تي لکيل پنهنجو هڪ نظم ۽ سيدالشهداء امام حسينؑ جي حضور ۾ لکيل هڪ سلام پيش ڪيو. افسوس جو وقت جي گهٽتائي سبب کانئن وڌيڪ فيض پرائي نه سگهيس.

هاڻ هلندي هلندي مظفرآباد جي هڪ دلچسپ ڪردار نذير احمد دراني بابت ٻڌائيندو هلجي. موصوف آزاد ڪشمير جي اطلاعات کاتي جو رٽائرڊ آفيسر آهي. ڪرامتن، معجزن، ۽ پيرانِ طريقت جو خاص عقيدتمند آهي. “قصص الانبياء” سندس نظر ۾ هڪ مڪمل ۽ افضل ڪتاب آهي. هر وقت انهيءَ فڪر ۾ هوندو آهي ته زرداري، ٽرمپ، ۽ طيب اردگان کي خط لکي پنهنجي مظلوميت ۽ بيوسي کان نه صرف آگاهه ڪري، پر کانئن مدد به حاصل ڪري. همراهه تبليغِ اسلام جو ايترو ته شوقين آهي، جو پنهنجي وقت جي عظيم عالم، فلاسفر، ۽ دانشور صابر آفاقي مرحوم کي به “دعوت اسلام” ڏئي ڇڏي هئائين. هن جو تصورِ خدا ايترو دلچسپ آهي جو قلمبند ڪرڻ کان قاصر آهيان. سندس خاص ڳالهه اها آهي ته صرف پاڻ ئي ڳالهائيندو آهي، ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ نه وقت اٿس، نه حوصلو. سندس فتويٰ سندس کيسي ۾ هر وقت موجود هوندي آهي. افسوس ته ماضيءَ جي فوجي آمر جنرل ضياءُ الحق جي نظر مٿس نه پئي، نه ته هو کيس باقاعده “تبليغي رجمنٽ” ٺاهي، تاحيات ڪور ڪمانڊر مقرر ڪري ڇڏي ها. اسان جي عزيز ثاقب اعوان کي سندس بي معنى ڳالهين ۽ مثالن کان چڙ اچي ٿي. هڪ ڀيرو ته آئون پاڻ به بي ساخته چئي وس: “دراني صاحب، لڳي ٿو ته توهان اسان جي شهادت جي لاءِ سِر جي سُوٿي وٺي ڇڏي آهي، پر اسان جو اهڙو ڪو ارادو ناهي، ڇو ته انهيءَ شهادت سان ماڻهو مري به ويندو آهي”.