ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪارا نيلم منير خان پنهنجي شادي جون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون آهن. تصويرن ۾ نيلم منير اڇي رنگ جو عروسي جوڙو پهريو آهي، جڏهن ته سندس مڙس کي اڇي رنگ جو عربي لباس پهريل آهي، پر نيلم منير پنهنجي مڙس جو نالو ناهي ٻڌايو. نيلم منير جي شادي جا فوٽو دبئي ۾ ڪڍيا ويا آهن ۽ انهن جي پٺيان دنيا جي وڏي ۾ وڏي عمارت برج خليفا نظر اچي ٿي. نيلم جا فوٽو، فوٽو گرافر طرفان اپلوڊ ڪري کيس ٽيگ ڪيا ويا آهن، فوٽو گرافر لکيو آهي ته نئين سال جي شروعات تي نئين زندگي جو باب شروع ڪري رهي آهين، دعائن ۾ ياد ڪجان. اهڙي پوسٽ کانپوءِ فلمي دنيا سان سلهاڙيل ماڻهو نيلم منير کي مبارڪون ڏئي رهيا آهن.