اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي مرڪزي صدر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته لنڊن مان پهتل نيلسن منڊيلا پهرين پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف کان مهانگائي جو حساب ڪتاب وٺي، عوام سان ايڏيون زيادتيون آهن جو ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ لاءِ مجبور آهن، عدالت ۾ پيشي وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته ماڻهو بجلي ۽ گئس جا بل پياري نه ٿا سگهن، ماڻهن جو روزگار ختم ٿي ويو آهي، مطالبن لاءِ احتجاج ڪندڙ استادن کي مارڪٽ ڪئي پئي وڃي، شريفن جيڪو ڪيو آهي اليڪشن ۾ کين حساب ڏيڻو پوندو. هوڏانهن اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سي ٽي ڊي جي ڪيس ۾ پرويز الاهي کي پيش ڪيو ويو، ڊيوٽي جج راجا جواد عباس چيو ته سياستدانن وانگر اڄ آئون به نگران جج آهيان، تاريخ ڏني ويندي، عدالت پرويز الاهي جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 21نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم جي تاريخ مقرر ڪئي ويندي.