ڪراچي(اسپورٽس نيوز) سنڌ اولمپڪس ايسوسيئيشن هڪ ڀيرو ٻيهر نيشنل گيمز ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ اولمپڪس سڀني لاڳاپيل ادارن کي خط جاري ڪيو جنهن ۾ انهن کي ناگزير سببن جي ڪري نيشنل گيمز جي ملتوي ٿيڻ جي آگاهي ڏني وئي. نيشنل گيمز پهرين مئي مهيني دوران ڪراچي ۾ شروع ٿيڻيون هيون. سنڌ 18 سالن کان پوءِ نيشنل گيمز جي ميزباني ڪري رهي هئي. ٻئي طرف، ذريعن جو چوڻ آهي ته نيشنل گيمز سخت گرمي جي لهر ۽ انٽر امتحانن جي ڪري ملتوي ڪيون ويون، جيتوڻيڪ سڀني کي مئي ۾ شديد گرمي جي لهر جي خبر هئي ۽ انٽر امتحانن جو اعلان پڻ ڪيترائي مهينا اڳ ڪيو ويو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيشنل گيمز جا انتظام نه ٿي سگهيا، گهڻا گرائونڊ ۽ اسپورٽس ڪمپليڪس اپ گريڊ نه ڪيا ويا، نيشنل گيمز جو لوگو تيار نه ڪيو ويو ۽ مشعل ريلي شروع نه ٿي سگهي. واضح رهي ته نيشنل گيمز اڳ ۾ فيبروري ۾ منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، پر ان کي نامعلوم سببن ڪري ملتوي ڪيو ويو ۽ مئي ۾ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، پر هاڻي رانديون مئي تائين ملتوي ڪيون ويون آهن. نيشنل گيمز جي نئين تاريخن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.