مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ ٻئ ٽول پلازه جو ڪم رڪجي نه سگھيو. اين ايڇ اي پاران ھٺ درھمي جو مظاهرو ڪندي رات وچ ۾ مٽياري ٽول پلازه واري جڳھه تي ٽول باڪس ۽ ٻيو سامان آڻي ٽول پلازه کي شروع ڪري ڇڏيو آهي، جتي ايندڙ ويندڙ گاڏين کان ٽول ٽيڪس اوڳاڙيو پيو وڃي.، جڏھن ته ٻئي طرف مٽياري ٽول پلازه خلاف سينيئر صوبائي وزير ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مخدوم فخرالزمان پاران پاران سنڌ اسيمبلي پڻ ھڪ قراردار منظور ڪيو ويو آھي، ۽ ضلعي انتظاميا سميت مٽياري جي سياسي سماجي ڌرين پاران ان خلاف ٻئي ٽول پلازه کي ختم ڪرڻ لاء خط پڻ لکيا ويا آھن، ۽ عوامي اتحاد پاران 15 جنوري تي ٽول پلازه تي ھزارين ماڻھن سان گڏ احتجاجي مظھارو ۽ عوامي اسيمبلي لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته 15 جنوري تي قومي شاهراهه تي وڏو ڌرڻو هنيو ويندو جنهن ۾ سياسي، قومپرستن پارٽين جا مرڪزي اڳواڻ شرڪت ڪندا، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ اڳ ئي ٽول پلازا قائم آهي وري ٻيو ٽول قائم ڪرڻ سمجھه کان ٻاهر آهي، جنهن نئين ٽول کي ضلعي جي ايم اين اي، ايم پي اي، ضلعي انتظاميه ۽ ضلعي جي سمورين سياسي سماجي، مذهبي، قومپرستن پارٽين پاران رد ڪيو ويو آهي، ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پڻ ان خلاف قراردار منظور ٿيل آھي پوء به اين ايڇ اي وارا زبردستي ان کي ٺاھڻ لاء تياريون تيز ڪري ڇڏيون آھن جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون اسان جو مطالبو آھي جلد ٽول پلازه جو ڪم روڪيو وڃي.