لاهور (اسپورٽس نيوز) نيشنل بيڊمنٽن چئمپين شپ 2024ع ۾ واپڊا جي ماحور شهزاد اٺون ڀيرو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. واپڊا اسپورٽس ڪمپلڪس لاهور ۾ کيڏيل فائنلز ۾ مردن جي ڪيٽيگري ۾ ڪي پي طرفان مراد علي آرمي جي انجم بيشر خلاف 21، 19 ۽ 21، ا8 تان ڪاميابي حاصل ڪري چئمپين بڻجي ويو. وومينز سنگلز ۾ دفاعي چئمپين واپڊا جي ماحور شهزاد واپڊا جي ئي غزالا صديقي کي 21، 16، ۽ 22، 20 تان شڪست ڏئي ڇڏي. اهو سندس گڏيل طور تي اٺون ٽائيٽل آهي، ويمنز ڊبلز ۾ صائمه وقاص ۽ عماره اشتياق پلوشه بشير ۽ غزاله صديقي کي شڪست ڏني. مڪسڊ ڊبلز ۾ محمد علي لاروش ۽ زبيره اسلام، زوين جاويد ۽ پلوشه بشير تي ٻڌل جوڙي کي شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽيو.