اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل ايڪشن پلان بابت ايپيڪس ڪاميٽي جو ڪالهه رٿيل اجلاس ملتوي ڪيو ويو، اڄ وزيراعظم هائوس ۾ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيندو، ذريعن موجب اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف قدمن بابت بريفنگ ڏني ويندي، آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ، وڏا وزير ۽ وفاقي وزير اجلاس ۾ شرڪت ڪندا، ڪَي پِي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ايپيڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ڇڪتاڻ تي ڳالهائيندس، آئون 24 نومبر تي احتجاجي مارچ جي حوالي سان به ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان، اسان کي جلسي لاءِ ڪنهن جي اجازت جي ضرورت ناهي.