لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) نيشنل اسٽيڊيم ۾ انڪلوزر شاهد آفريدي ۽ يونس خان جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. قائد انڪلوزر کي شاهد آفريدي انڪلوزر ڪيو ويندو ۽ موجوده ماجد خان انڪلوزر کي يونس خان انڪلوزر بڻايو ويندو. ان کانسواءِ موجوده ظهير عباس انڪلوزر کي نذر محمد انڪلوزر ڪيو ويندو، نيشنل اسٽيڊيم ۾ 1050 جي گنجائش وارن ٻن انڪلوزر کي ماجد خان ۽ ظهير عباس انڪلوزر جو نالو ڏنو ويندو. حنيف محمد ۽ فضل محمود انڪلوزر جي کي تبديل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته نيشنل اسٽيڊيم جي جئين تعمير ٿيل بلڊنگ ۾ ٻه نوان وي وي آءِ پي انڪلوزر ٺهي رهيا آهن.