ڪولالمپور (اسپورٽس نيوز) نيوزي لينڊ نيشنز هاڪي ڪپ جي اهم ميچ ۾ هڪ دلچسپ مقابلي ۾ پاڪستان کي 3-4 تان شڪست ڏني. ملائيشيا ۾ جاري ايف آءِ ايڇ نيشنز ڪپ هاڪي ٽورنامينٽ جي اهم ميچ ۾ پاڪستان پهرين ڪوارٽر جي آخر ۾ نيوزي لينڊ خلاف 1-3 جي برتري حاصل ڪري ورتي. نيوزي لينڊ جارحاڻي انداز ۾ شروعات ڪئي ۽ پهرين ڪوارٽر جي 6 منٽن ۾ پنهنجو پهريون گول ڪيو، ڪيويز لاءِ ووڊنڪ بال اسڪور ڪئي، پر پاڪستان ميچ جي 13 هين ۽ 14 هين منٽن ۾ لڳاتار ٻه گول ڪري برتري حاصل ڪري ورتي. ٻئي ڪوارٽر ۾، پاڪستان پنهنجي جارحاڻي راند جاري رکي ۽ مخالف ٽيم تي دٻاءُ وڌو، 28 هين منٽ ۾ گول ڪري پنهنجي برتري وڌائي. پاڪستان لاءِ عبدالرحمان پهريان ٻه گول ڪيا، جڏهن ته رانا وحيد اشرف ٽيون گول ڪيو. ٽئين ڪوارٽر ۾، ٻئي ٽيمون هڪ ٻئي جي گول پوسٽن تي حملا ڪنديون رهيون. 43 هين ۽ 45 هين منٽ ۾، اسڪاٽ ڪولسٽ لڳاتار ٻه گول ڪري پاڪستان جي برتري ختم ڪري ڇڏي ۽ ميچ 3-3 سان برابر ٿي ويو. چوٿين ڪوارٽر ۾، اسڪاٽ ڪولسٽ 52 هين منٽ ۾ ڪيويز لاءِ ميچ جو ٽيون گول ڪيو، جنهن سان ڪيويز کي پاڪستان خلاف برتري ملي وئي. هن پينلٽي ڪارنر تي گول ڪيو ۽ اهڙي طرح نيوزي لينڊ پاڪستان تي 3-4 جي برتري حاصل ڪري ورتي. ڪيويز هٿان شڪست کان پوءِ، گرين شرٽس کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ ملائيشيا ۽ جاپان جي وچ ۾ ميچ جو انتظار ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ميزبان ٽيم هارائي ٿي ته پاڪستان ٽاپ 4 ۾ جاءِ ٺاهي سگهندو. ٻئي طرف، پول اي مان فرانس ۽ ڪوريا جون ٽيمون اڳ ئي سيمي فائنل ۾ پهچي چڪيون آهن.