تل ابيب(م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم پهريون ڀيرو مظلوم فلسطينين تي پنهنجي فوج جي حملي جي مذمت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو رفح ۾ پناهگيرن جي ڪيمپ تي پنهنجي فوج جي حملي جي مذمت ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه جاري ڪيل بيان ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو ته رفح ۾ پناهگيرن جي ڪيمپ تي حملو افسوس ناڪ آهي، اسان ان جي جاچ ڪري رهيا آهيون. جلد رپورٽون سامهون آنديون وينديون. هن چيو ته اسان رفح مان لکين ماڻهن کي ڪڍيو، پر پوءِ به پناهگيرن جي ڪيمپ تي حملو افسوس ناڪ آهي.

تل ابيب(م ڊ) رفح تي تازي حملي کانپوءِ اسرائيلي فوج جي اعليٰ پراسيڪيوٽر واڳون وارا ڳوڙها وهائڻ شروع ڪري ڏنا، اعليٰ فوجي پراسيڪيوٽر ميجر جنرل يفات نومر هوائي حملن کي انتهائي سنگين قرار ڏيندي يقين ڏياريو ته واقعي جاچ ڪنداسين، عالمي خابرو اداري موجب حملي ۾ مارجي ويل عام شهرين جي جاني نقصان تي دلي صدمو پهتو آهي. حملي جي باقاعده جاچ ڪئي ويندي، ان معاملي کي اڌورو نه ڇڏينداسين.