نيتن ياهو جو اقتدار لوڏن ۾، اسرائيلي پارليامينٽ ٽوڙڻ واري بل تي ووٽنگ

0
13
نيتن ياهو جو اقتدار لوڏن ۾، اسرائيلي پارليامينٽ ٽوڙڻ واري بل تي ووٽنگ
نيتن ياهو جو اقتدار لوڏن ۾، اسرائيلي پارليامينٽ ٽوڙڻ واري بل تي ووٽنگ

تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو اقتدار خطري ۾ پئجي ويو، اسرائيلي پارليامينٽ کي ٽوڙڻ واري بل تي اڄ ووٽنگ ٿيندي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ووٽنگ ۾ بل کي اڪثريت حاصل ٿي ته ان کي لاڳو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 3 ڀيرا ووٽنگ جي مرحلي مان گذرڻو پوندو، جنهن کانپوءِ ڪنيسٽ جي ٽوڙڻ ۽ وقت کان اڳ چونڊن جي تاريخ طئي ٿي سگهندي. جيڪڏهن اپوزيشن بل ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ته ان کي پارليامينٽ کي ٽوڙڻ بابت ٻيون بل پيش ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گحٽ 6 مهينا انتظار ڪرڻو پوندو. خابرو ايجنسي موجب نيتن ياهو جي اتحادين به ملڪ ۾ وقت کان اڳ چونڊن لاءِ مخالف ڌر سان گڏ ويهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. موجوده حڪومتي اتحاد وٽ 68 سيٽون آهن جڏهن ته اقتدار ۾ رهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 61 سيٽن جي ضرورت هوندي آهي. اسرائيلي اخبار موجب نيتن ياهو پنهنجي اتحادين کي ان قانون جي حمايت ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، پر قدامت پسند يهودين جي فوج ۾ لازمي سروس واري قانون جي منظوري کانپوءِ حڪومتي اتحاد ۾ شامل ڪجهه  پارٽيون نيتن ياهو کان ناراض آهن. عالمي سياسي منظر تي نظر رکندڙ ماهرن نيتن ياهو جي حڪومت جي خاتمي جو واضح امڪان ظاهر ڪري رهيا آهن. سندن چوڻ آهي ته اسرائيلي وزيراعظم پهرين ئي ڏينهن کان بدعنواني جي الزامن کي منهن ڏئي رهيو آهي