سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي احتساب عدالت مان ڪروڙين رپين جي ڪرپشن الزام هيٺ سالن کان نيب ريڊار تي رهندڙن کي وڏو رليف ملي ويو، احتساب عدالت ۾ نيب ريفرنس جي ٻڌڻي دوران صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي، ٺيڪيدار عبدالرزاق بهراڻي، انجنيئر فريد مغيري ۽ ٻيا نامزد وڪيلن سميت عدالت آڏو پيش ٿيا، نيب ريفرنس ۾ شامل ماڻهن طرفان نيب ايڪٽ 2022ع تحت استدعا داخل ڪرائي هئي، عدالت جوابدارن جي استدعا واري درخواست منظور ڪندي 35 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪرپشن وارو ريفرنس نيب کي واپس ڪري ڇڏيو. عدالت تنگواڻي جي ٽائون ڪميٽي ۾ 13 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو ريفرنس نيب کي واپس ڪري ڇڏيو، احتساب عدالت ٽي جي جج ناصر حسين شاهه نيب جي داخل ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران احتساب عدالت تنگواڻي جي ٽائون آفيسر سندر خان جاگيراڻي، الطاف ٻرڙو، اظهر الدين، الطاف گجراڻي، گلزار احمد ۽ ٻين خلاف داخل 13 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو رينفرنس نيب کي واپس ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.