نيب کي جيل اندر عمران خان کان پڇاڳاڇا ڪرڻ جي اجازت

0
73
نيب کي جيل اندر عمران خان کان پڇاڳاڇا ڪرڻ جي اجازت
نيب کي جيل اندر عمران خان کان پڇاڳاڇا ڪرڻ جي اجازت

اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب کي جيل اندر پي ٽي آءِ چيئرمين کان پڇاڳاڇا ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

عدالت 190ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جو 4 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو آهي

عدالت بشريٰ بي بي جي ضمانت ۾ 21 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي

احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪيس جي اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي هلائي، ڪيس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي

اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عليمه خان چيو ته سائيفر ڪيس ۾ اهي شقون لڳايون پيون وڃن جن سان پي ٽي آءِ چيئرمين کي موت جي سزا ۽ عمر قيد ٿي سگهي ٿي، ڇا پي ٽي آءِ چيئرمين اهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو هن تي اهڙيون شقون لڳايون پيون وڃن؟