ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيب ڪراچي 107ملين کان وڌيڪ ماليت جون ضبط 4 جائدادون پي ايس او حوالي ڪري ڇڏيون. ڊي جي نيب جاويد اڪبر رياض انهن جائدادن جو قبضو پي ايس او جي جنرل مينيجر برگيڊيئر (ر) رضوان احمد حوالي ڪيو. نيب موجب اهي جائدادون  سزا يافته پي ايس او جي اڳوڻي مينيجر (بينڪنگ) اقبال احمد ترابي ۽  سندس زال جون هيون، جيڪي عدالتي حڪم تي ضبط ڪيون  هيون، عدالت اقبال ترابي ۽ سندس زال کي ڪرپشن ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ سزا ٻڌائي هئي.