ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب پاران هاءِ ويز ڊويزن حيدرآباد ۾ ڏنل ٺيڪن جي جاچ شروع، ان ڏس ۾نيب ڪراچي جي ڊي جي نيب قانون ۾ ترميم کانپوءِ اينٽي ڪرپشن کان  هاءِ ويز کاتي حيدر آباد جي ايڪسين آفتاب صديقيء خلاف ڪيس جي رپورٽ طلب ڪري ورتي، نيب اختيارين موجب انجنئير آفتاب صديقيءَ سيپرا قانون جي ڀڃڪڙي ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري من پسند ٺيڪيدان کي ٺيڪا ڏنا، پئسا جاري ڪرڻ باوجود سرزمين تي ڪو به ڪم ناهي ٿيو، خط ۾ آفتاب صديقيءَ خلاف شڪايتن، ايف آءِ آر جي ڪاپي ۽ ڪيس چالان جا تفصيل گهريا ويا آهن