ڪراچي/ ملير (رپورٽ: حبيب جمالي ۽ ناز شر) نيب سنڌ پاران بحريه ٽائون خلاف هلندڙ جاچ ۾ اڳڀرائي، بحريه ٽائون ڪراچي جي 10468 ڪمرشل پلاٽن جي خريد ۽ وڪري تي پابندي لڳائي ڇڏي، ان ڏس ۾ نيب ڪراچي جي  ڊائريڪٽر جنرل جاويد اڪبر رياض ليٽر نمبر NABK2016010138803/AW-III/CO-A/BTK/2025/1384/11-03-2025  ذريعي بحريه ٽائون ڪراچي ۾ 10468  ڪمرشل پلاٽن جي خريد و وڪري تي پابندي لڳائي ڇڏي،  نيب ذريعن موجب بحريه ٽائون کي الاٽ ٿيل زمين کان وڌيڪ ايريا تي قبضي جون شاهديون مليون، جنهن جي  نيب پاران جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جنهن بعد 10 هزارن کان وڌيڪ ڪمرشل پلاٽن جي خريد، وڪري ۽ منتقلي تي پابندي لڳائي وئي آهي.