نيب قانون ۾ ترميمون پر ڪنهن جي ڀلي خاطر!

0
36
نيب قانون ۾ ترميمون پر ڪنهن جي ڀلي خاطر!

 شهباز شريف جي سربراهيءَ ۾ قائم اتحادي حڪومت ترجيحي بنيادن تي قومي احتساب بيورو يا نيب جي قانونن ۾ ترميمون ڪري ڇڏيون آهن. جنهن کي نيب جي ٻي ترميم وارو ايڪٽ2022ع چيو وڃي ٿو.اها ترميم قومي اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ کانپوءِ قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير شهادت اعواڻ جڏهن سينيٽ ۾ پيش ڪئي ته مخالف ڌر خاص ڪري پي ٽي آئي جي سينيٽرن ان ترميم جي تمام گهڻي مخالفت ڪئي ، ايڪٽ جون ڪاپيون ڦاڙي هوا ۾ اڇلايون ۽ اسپيڪر جي ڪرسي اڳيان بيهي نعرا هنيا ۽ ڪارروائي جو واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا. مخالف ڌر جي اڳواڻن خاص ڪري شبلي فراز چيو ته نيب جي قانونن ۾ اها حڪومت ترميمون پئي ڪري جنهن جا سٺ فيصد ڪابينا ميمبر نيب ڪيسن ۾ ضمانتن تي  ٻاهر آيل آهن. اهڙين ترميمن بعد نيب هڪ نالي ماتر ادارو رهجي ويندو جنهن جا ڏند هنن ترميمن ڪڍي ڇڏيا آهن. پي ٽي آئي جي شبلي فراز جي تنقيد پنهنجي جڳهه تي پر سوال اهو پڻ اڀري ٿو ته انهن ڏينهن ۾ نيب ڇا ڪيو جن ڏينهن ۾ بقول سندس ته نيب کي ڏند هئا جيڪي صرف ڏيکارڻ جا ڏند ثابت ٿيا.

نيب کي اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ هڪ آرڊيننس ذريعي نومبر 1999ع ۾ آندو ويو ته جيئن ميگا ڪرپشن ڪيسن ۽ معاشي دهشتگردي وارن ڪيسن جي جاچ ڪري انهن خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي. ان دور ۾ ۽ بعد ۾ به نيب جا اڪثر اعليٰ عهديدار  پڻ مختلف ادارن مان مقرر ڪيا ويا ته جيئن ڪرپشن تي ڪڙي نظر رکي سگهجي. ڪرپشن ڪيسن کي جاچيندي جاچيندي نيب اهڙي موڙ تي اچي پهتي جو خود نيب جي عملدارن جي ڪرپشن جا قصا مشهور ٿيڻ لڳا. ٻيو ته ڇڏيو اڳوڻي نيب چيئرمين جي ته اهڙي آڊيو ليڪ ٿي جنهن بعد “سر سي پائون تڪ چمڻ” وارو محاورو مشهور ٿي ويو.

هاڻي جڏهن دور تبديل ٿيو آهي ته خود اڳوڻي نيب چيئرمين کي پڻ مختلف ڪيسن ۽ عورتن کي حراسان ڪرڻ وارن ڪيسن ۾ قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اڳيان پيش ٿيڻ جا نوٽيس موڪليا ويا آهن پر هو اڃان تائين پيش نه ٿي سگهيو آهي. هاڻي اڳوڻي چيئرمين جي پگهارن جا تفصيل پڻ سامهون اچي رهيا آهن ته هو ماهوار تيرنهن لک تيرنهن هزار پگهار کڻندو هيو ۽ سندس مدي دوران کيس ست ڪروڙ پنجتيالهه لک روپين جون پگهارن جي مد ۾ ادائيگيون ڪيون ويون. اڳوڻي دور ۾ نيب جي دائري کي ايترو ته هيٺين سطح تائين وڌايو ويو جو ڪاروباري ماڻهو ۽ ڪامورا به دانهون ڪرڻ لڳا جنهن بعد عمران خان جي حڪومت هڪ ترميم ڪري ڪامورن ۽ تاجرن کي ته نيب جي دائري کان آجو ڪري ڇڏيو پر سياستدان نيب جي ريڊار تي هميشه رهندا آيا. نيب اداري کي جنهن نيت سان جوڙيو ويو هو

سو مقصد ته پورو ٿي سگهيو الائي نه پر نيب سياستدانن ۽ انهن سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ هڪ دهشت جي علامت بڻجي پيو. نيب جي قيدخانن مان مختلف ملزمن جا لاش ملڻ ۽ خودڪشين جا واقعا پڻ اهڙي انداز سان سامهون آيا جو عام ماڻهن کي انهن ملزمن سان همدردي ٿيڻ لڳي جن مٿان نيب ڪرپشن جا الزام لڳائي انهن کي عدالتن ۾ گهلڻ شروع ڪيو. اڳوڻي دور ۾ ته نيب مٿان تنقيد ايتري وڌي وئي جو ان کي مختلف ماڻهن پاران جانبدار ادارو قرار ڏنو ويو جيڪو حڪومتي هشي تي مخالف ڌر جي سياستدانن مٿان ڪيسن مٿان ڪيس ڪري کين هيسائي رهيو هو. نيب سان گڏ وفاقي اداري ايف آئي اي کي پڻ اهڙن مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جي شاهدي ايف آئي اي جي اڳوڻي ڊي جي بشير ميمڻ ڪافي ڀيرا پنهنجي انٽرويوز ۾ ڏني آهي ته ڪيئن  اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کان ويندي ان حڪومت جي اهم اڳواڻن مٿس زور ڀريو ته ان حڪومت جي سياسي مخالفن مٿان ڪوڙا سچا ڪيس ڪري انڪوائريون شروع ڪرائي ته جيئن انهن کي نشانو بڻائي سگهجي. ٻنهي وفاقي ادارن يعني ايف آئي اي ۽ نيب کي اڳوڻين حڪومتن پنهنجي سياسي مخالفن لاءِ ايترو شدت سان استعمال ڪيو

جو ٻنهي وفاقي پارٽين يعني پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ نون جون مک قيادتون هر روز ڪنهن نه ڪنهن ڪيس ۾ نيب عدالتن اڳيان پيش ٿي رهيون هيون. انهن ڪيسن هلڻ دوران ٻنهي جماعتن جي ڪارڪنن کي ته ڳڻتي ضرور هئي پر عام ماڻهو ان انتظار ۾ هئا ته نيب جي ملزم انهن سياسي اڳواڻن جي ڪيسن جو مستقبل ڇا بيهندو. انهن کي باقاعده ڪا سزا ملندي يا اهي ڪيس به سياسي بارگيننگ جو شڪار ٿي ويندا ۽ سڀني اهو ڏٺو ته ڪيئن نه نيب جا اهي قيدي جن جي مخالفت ڪندي ڪندي اڳوڻي عمران حڪومت قائم ٿي هئي ۽ سندس نعرو يا بيانيو به اهو هو ته چورن کي نه ڇڏيندس ته پوءِ هاڻي سينيٽ ۾ رڙيون ڪرڻ بدران شبلي فراز کي ته عوام اڳيان اچي  اهو ٻڌائڻ گهرجي ته انهن نيب ڪيسن ۾ قيد سمورا سياسي اڳواڻ ڪيئن ٻاهر اچي ويا ۽ انهن مٿان سندن حڪومت ڪو به ڪيس ثابت ڇو نه ڪري سگهي. انهن ڪيسن ۾ نيب جي دعوا هئي ته اهي سئو سيڪڙو جاچ ڪيل ۽ فائنل ڪيس آهن پر نيب مٿان تنقيد اها شديد ٿيندي وئي ته ڇا ڪرپشن صرف سياستدانن ڪئي آهي يا پاڪستان ۾ ٻي ڪا ڪرپشن ئي ناهي جنهن خلاف نيب پنهنجا اختيار استعمال نٿي ڪري.

نيب مٿان اها تنقيد ايتري ته شديد ٿيندي وئي جو مختلف ماڻهن نيب کي هڪ اهڙو ادارو قرار ڏنو جيڪو سياسي مخالفن کي ڦاسائڻ جي ڪم اچي سگهي جنهن ڪري اهي آواز به اڀريا ته مورڳو نيب ادارو ئي ختم ٿيڻ گهرجي. پر  نيب قاعدن قانونن کي پڙهندڙ هڪ دوست ڏاڍي سٺي ڳالهه ڪي ته نيب جي جوڙجڪ يا اداري جا قاعدا قانون ڏاڍا زبردست آهن ۽ اهي ڪرپشن خلاف سٺا نتيجا ڏئي پئي سگهيا پر ان اداري يعني نيب جو غلط استعمال يا سياسي استعمال ڪرڻ سبب ان اداري جي بدنامي ٿي پئي. هن مثال ڏيندي چيو ته سنڌ پوليس جا قاعدا قانون زبردست آهن پر ان اداري جي غلط يا سياسي استعمال سبب ساک متاثر ٿيل آهي پر ان جي ڀيٽ ۾ موٽروي پوليس پڻ پوليسنگ جو هڪ ادارو آهي جنهن جا قاعدا قانون سٺا هجڻ سان گڏ ادارتي نظام پڻ ٺيڪ ٿيو آهي ته ان جي ساک ڪجهه قدر بهتر ٿي آهي. اصل مسئلو اداري جي ساک جو به هوندو آهي ۽ نيب ڪرپشن خلاف وڙهندڙ هڪ قومي اداري طور پنهنجي ساک برقرار رکي نه سگهيو جنهن ڪري هاڻي هر ٻيو ماڻهو نيب جي ساک تي آڱريون کڻي اهو چئي سگهي ٿو ته نيب هڪ جانبدار ادارو آهي جنهن ڪرپشن خلاف ويڙهه کي سياسي ويڙهه ۾ استعمال ڪري پنهنجو فرض پوري ايمانداري سان نه نڀايو آهي. تنهن ڪري هاڻي جيڪڏهن نيب قانونن ۾ ترميمون ٿي رهيون آهن ته ان تي گهڻو ڏک به نه ڪرڻ گهرجي. نيب ترميمن سان گڏ وفاقي حڪومت کي اهو پڻ واضح ڪرڻ گهرجي ته هاڻي اهي ڪيس جيڪي پنج سئو ملين کان گهٽ آهن انهن ڪيسن خلاف ڪارروائي ڪهڙو ادارو ڪندو. ڇا اهي ڪيس صوبائي سطح تي قائم اينٽي ڪرپشن وارا ادارا ڪندا يا وفاق جو ڪو ادارو انهن ڪيسن ۾ ڪارروائي ڪندو.نيب جي قانون ۾ ترميم بعد اهو پڪ سان نٿو چئي سگهجي ته هي ادارو ئي هاڻي نالي ماتر ٿي ويندو پر نيب کي پنهنجي قاعدن قانونن تحت غيرجانبدار طريقي سان ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن سندس ساک خاص ڪري سياسي ڪيسن ۾ سندس ساک خراب نه ٿئي.