نيب عمران خان خلاف 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ جاچ جو عمل تيز ڪري ڇڏيو

0
119
لاهور: عمران خان جا وڳوڙن وارن ٽن ڪيسن ۾ ضمانتي مچلڪا منظور
لاهور: عمران خان جا وڳوڙن وارن ٽن ڪيسن ۾ ضمانتي مچلڪا منظور

راولپنڊي: نيب راولپنڊي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ جاچ جو عمل تيز ڪري ڇڏيو، نيب طرفان عمران خان جي ڪابينا کان اڄ بيان رڪارڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

 نيب راولپنڊي اڄ اڳوڻن وزيرن فيصل واوڊا، شيخ رشيد ۽ علي زيدي کي طلب ڪري ورتو آهي، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد کي عمران خان ڪيس سان لاڳاپيل دستاويز گڏ کڻي اچڻ جي هدايت، شيخ رشيد کي گواهه طور طلب ڪيو ويو

 ذريعن موجب اڳوڻو گهرو وزير شيخ رشيد نيب آڏو پيش نه ٿيندو، سندس وڪيل پيش ٿيندا

هي به پڙهندا

شيرين مزاري پاران پي ٽي آءِ ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان