اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پاران نيب رولز جو پراسيس مڪمل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ويو ته نيب رولز ۾ اهڙو ڇا آهي جو اڃا تائين فائنل نه ٿي سگهيا آهن؟ رولز نه ٺاهڻا هئا ته قانون ۾ لکي ڇڏيو ها،عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي قانون واري سيڪريٽري کي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ڪابينا ڪاميٽي رولز فائنل ڪري ڇڏيا آهن، رولز جي منظوري هاڻي ڪابينا کي ڏيڻي آهي، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڏسون ٿا ته هاڻي ايندڙ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪهڙو فيصلو ڪيو وڃي ٿو، آئيني عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي قانون واري سيڪريٽري کي طلب ڪندي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.