نيب جو نوٽيس، زڪوات عشر سميت صحت کاتي دادو ۾ ٿرٿلو

0
497

جوھي (ن پ ا) دادو ضلعي ۾ زڪوات جي ورھاست جي جاچ شروع ٿي وئي، نيب اڄ ڊي ايڇ او دادو کان صحت کاتي کي مليل زڪوات عشر ۽ سوشل ويلفيئر جي جاري فنڊن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي، ٽن سالن ۾ زڪوات جي مد ۾ مستحق ماڻھن جي لسٽ جاري ٿيل رقم به طلب ڪئي وئي. اھڙي رپورٽ طلب ڪرڻ تي زڪوات عشر سميت صحت کاتي دادو ۾ ٿرٿلو مچي ويو آھي، ڊي ايڇ او دادو زاھد ڏاوڇ موجب نيب پاران جاچ جي خبر پئي آھي پر نوٽيس اڃاتائين ناھي مليو ، جڏھن تـ ليٽر 7 اپريل تي جاري ٿي چڪو جيڪو جنهن جي ڪاپي ٽائيم نيوز ھٿ ڪري ورتي.